اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ نئين اسٽيل ملز قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن لاءِ 700 ايڪڙ زمين پڻ مخصوص ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ نئين اسٽيل ملز لاءِ موجودہ اسٽيل ملز جي ئي زمين مخصوص ڪئي هئي، ڇو ته موجوده اسٽيل ملز جي زمين تي ئي نئين اسٽيل ملز قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. حڪومت روس جي سهڪار سان نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ روس جي صنعت ۽ واپار واري نائب وزير ۽ پاڪستان جي صنعت واري وزير نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. صنعت ۽ پيداوار جي روسي ڊپٽي وزير پنهنجي حڪومت وٽ به اهڙي تجويز رکي آهي، جنهن تي اتفاق ڪيو ويو. ياد رهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جون 2015ع کان بند پيل آهي ۽ ان جي نجڪاري لاءِ ڪيترائي ڀيرا تجويزون ڏنيون ويون آهن.