دادو/ جوهي(رپورٽ: غوث جهتيال+اسماعيل پيرزادو)ڪاڇي جي شهر واهي پانڌي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ دودو برهماڻي ۾ لاشاري ۽ برهماڻي برادري جي 2 ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت قتل مقتولا جي سڃاڻپ نطيران برهماڻي طور ٿي آهي، قتل واقعي خلاف مقتولا جي وارثن دادو پهچي پير شاخ وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙ مظاهرين سان ڊي ايس پي سٽي دادو ڳولهيون ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو. جڏهن ته لاشاري ۽ برهماڻي تڪرار سبب ڳوٺ دودو برهماڻي ۾ عارضي طور پوليس جو پهرو مقرر ڪيو ويو آهي. احتجاج ڪندڙ گل حسن برهماڻي، امير زادي برهماڻي ۽ ٻين چيو ته ڪجهه ڏينهن کان لاشارين کي اسان پنهنجي زمين مان مٽي کڻڻ کان روڪيو ته لاشاري برادري جي ماڻهن حملو ڪيو.
-
نظيران برهماڻي جي قتل جي ذميوار سنڌ پوليس آهي: عوامي تحريڪ
حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، لال جروار، حورالنساءَ پليجو، ماهه نور ملاح ۽ ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مھيسر پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته نظيران برهماڻي جي قتل جي ذميوار سنڌ پوليس آهي. پوليس جي سرپرستي ۽ سهولتڪاري سبب نظيران برهماڻي جو قتل ٿيو. هنن چيو ته پيپلز پارٽي پوليس کي ڪرپٽ ۽ قاتلن جو سرپرست ادارو بڻائي ڇڏيو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته نظيران برهماڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. پوليس طرفان قاتلن جي سرپرستي ڪرڻ واري معاملي تي عدالتي ڪميشن جوڙي ايس ايس پي دادو سميت پوليس جي ذميوار آفيسرن کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.