اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پارليامينٽ جي ميمبرن کي نه رڳو پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيڻ جو حق هجڻ گهرجي، پر انهن قانون سازن جي ووٽن جي به ڳڻپ ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز لائرز فورم جي صوبائي صدرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيپلز لائرز فورم جي مرڪزي صدر نيئر بخاري، قومي اسيمبلي جو ميمبر نويد قمر ۽ سياسي صلاحڪار جميل سومرو پڻ موجود هئا. بلاول ڀٽو ۽ پيپلز لائرز فورم جي صوبائي صدرن ۾ تجويز ڪيل آئيني عدالتن جي قيام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي پي ايل ايف سينٽرل پنجاب جو صدر راحيل چيما، خيبرپختونخواهه جو صدر گوهر رحمان، بلوچستان جو صدر ڪي بهرام به موجود هئا خان ۽ سنڌ جو صدر قاضي بشير پڻ موجود هئا. بلاول ڀٽو چيو ته آئيني ترميم جوا مسودو اصل ناهي، حڪومت ججن جي عمر بابت تبديليون چاهي ٿي.