گنڊاپور جون افغان قونصل جنرل جي مذمت ڪرڻ بدارن وضاحتون

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور افغان قونصل جنرل پاران قومي تراني جي توهين جي مذمت ڪرڻ بدران وضاحتون ڏيڻ شروع ڪيون. هن چيو آهي ته افغان قونصل جنرل موقف ڏئي ڇڏيو آهي. قومي تراني جي عزت نه ڪرڻ واري ڳالهه ناهي. پشاور جي سول  سيڪريٽريٽ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته هو فيصل ڪريم ڪنڊي پرچي تي آيو آهي،گورنر کي عزت راس نٿي اچي، وفاق پاران فنڊ صحيح نموني نه ملڻ سبب قبائلي ضلعن جو ڪم سست آهي.

  1. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب بلاول ڀٽو زرداري  جو ترجمان مقرر

ڪراچي (رپورٽر ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ترجمان مقرر ڪيو ويو  آهي.پيپلز پارٽي جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو مرتضيٰ وهاب کي بلاول ڀٽو زرداري جو ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته بئريسٽر مرتضي وهاب هن وقت ميئر ڪراچي آهي،هو ان کان اڳ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون، سڌ سماءُ بابت صوبائي صلاحڪار سميت سنڌ جي وڏي وزير جو ترجمان پڻ رهي چڪو آهي.

  1. ٽرائل ڪورٽ کي 190 ملين پائونڊ ڪيس جو حتمي فيصلو روڪڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي 190 ملين پائونڊ ڪيس جو حتمي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي طرفان 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ آزادي جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.عمران خان ۽ بشريٰ بي بي احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيس مان آجو ڪرڻ ۽ ٽرائل روڪڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جيستائين ڪنهن هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، ٽرائل ڪورٽ کي ٽرائل اڳتي وڌائڻ کان روڪيو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست تي ٻڌڻي ڪري حڪم ڏنو آهي ته ٽرائل ڪورٽ ٽرائل مڪمل ڪري ڇڏي پر حتمي فيصلو نه ڏئي. عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيلن کي لاڳاپيل دستاويز جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي آجو ڪرڻ جي درخواستن تي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته احتساب عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي بريت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

  1. ڪراچي ۾ شهرين جا محافظ ئي اغوا ڪندڙ نڪتا، 5 لک ڀنگ وصول

ڪراچي ( رپورٽر ) پوليس اهلڪارن شهري کي اغوا ڪري 5 لک رپيا ڀنڱ وصول ڪري ورتو. تفصيل موجب ڪراچي ۾  پوليس اهلڪارن جي اغوا جو هڪ ٻيو واقعو سامهون آيو آهي، ڪورنگي مهراڻ ٽائون مان هڪ شهري کي اغوا ڪري 5 لک رپيا ڀنگ وصول ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي ۾ متاثر نديم جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، شهري جي اغوا جي سي سي ٽي وي فوٽيج  هٿ ڪئي وئي . فوٽيج ۾ پوليس جي وردي ۾ 2 ڄڻا ۽ هڪ سادي لباس ۾ شهري کي سادي لباس ۾ هٿيارن سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو. متاثر شهري ٻڌايو ته 15 سيپٽمبر جي رات ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن تي سوار ماڻهن مون کي هوٽل مان اغوا ڪيو ۽ اغوا ڪرڻ وقت منهنجي اکين تي پٽيون ٻڌيون ويون،  ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار مون کي ڪار ۾ ويهاري 10 لک رپيا ڀنگ طلب ڪندا رهيا، رقم نه ڏيڻ تي مون کي ۽ ٻارن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

  1. مخصوص سيٽن تي قانون سازي،اي سي پي جو قانوني ماهرن سان مشاورت جو فيصلو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) مخصوص سيٽن تي قانون سازي، اليڪشن ڪميشن جو قانوني ماهرن سان مشاورت جو فيصلو  ڪيو ويو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، ذريعن موجب اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت مختصر آرڊر جو جائزو ورتو ويو.اليڪشن ڪميشن جي اهم اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي 14 سيپٽمبر تي جاري ڪيل فيصلي تي غور ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت شارٽ آرڊر جو جائزو ورتو، جڏهن ته مخصوص سيٽن تي پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرڻ تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ مان پاس ٿيڻ واري قانون تي قانوني ماهر کان مشورو وٺڻ جو فيصلو ڪندي اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٻيهر طلب ڪري ورتو.

  1. پاڪستان جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام جي مخالفت تان هٿ ناهي  کنيو: آمريڪا

واشنگٽن( م ڊ) آمريڪا پاڪستان جي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ بئلسٽڪ ميزائيل پروگرام جي مخالفت تان هٿ نه کنيو آهي، پاڪستان جي بئلسٽڪ ميزائيلن بابت  خدشا مستقل ۽ واضح آهن، آمريڪا تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي پکيڙ ۾ ملوث نيٽ ورڪس خلاف ڪارروائي لاءِ پرعزم آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جي واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان جي بئلسٽڪ ميزائيل پروگرام جي مخالفت آمريڪي پاليسي جو حصو رهي آهي، آمريڪا پنهنجي قومي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پابندين ۽ ٻين طريقن جو استعمال جاري رکندو. آمريڪا گذريل هفتي پاڪستان جي بئلسٽڪ ميزائيل پروگرام لاءِ اوزار ۽ ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ چيني رسرچ انسٽٽيوٽ ۽ ٻين ڪمپنين تي پابنديون لڳايون هيون.

  1. سنڌ سرڪار صحت ڪارڊ واري پاليسي نظرانداز ڪئي: پروفيسر سعد خالد

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي نگران صحت جي وزير، جگر ۽ معدي جي ماهر ڊاڪٽر ۽ پاڪستان اسلامڪ ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پيما ) جي سرپرست اعلي پروفيسر سعد  خالد نياز چيو آهي ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان وانگر سنڌ ۾ به عام ماڻهن کي بهتر سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي پاليسي ٺاهڻ گهرجي، جنهن لاءِ مان پنهنجي نگران وزارت دوران سنڌ جي نگران وڏي وزير کي سمري اماڻي هئي جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو. هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پيما طرفان ٿيل پريس ڪانفرنس بعد صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. هن چيو ته هن وقت به صوبي ۾ صحت لاءِ جيڪا رقم رکيل آهي، ان جو 80 يا 90 سيڪڙو استعمال ڪري سموري صوبي جي هر ننڍي وڏي اسپتال، ڊسپينسري کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو ۽ سٺيون دوائون به هر مريض کي ملي سگهن ٿيون. ٻي طرف پيما جي چيئرمين پروفيسر عاطف حفيظ صديقي، پروفيسر عبدالله متقي، پروفيسر سهيل اختر ۽ پروفيسر عبالمالڪ چيو ته پيما جو ٻن سالن وارو ڪنوينشن 21، 22 سيپٽمبر تي ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ٿي رهيو آهي،

  1. هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي حوالي سان ٻڌڻي، ڊي سي سائوٿ کي شوڪاز

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخل ٿيڻ تي پابندي حوالي سان درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ پاران رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.  عدالت 3 هفتن جي لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڇا ناظر جي رپورٽ مڪمل ٿي وئي آهي؟، ڊي ايڇ اي جي وڪيل چيو ته ناظر پاران ڪافي علائقن جا دورا مڪمل ٿي ويا آهن. ڊي ايڇ اي ۾ فٽ پاٿ ۽ گرين ايريا مڪمل آهي. ڪجهه ڪمرشل علائقن ۾ دڪاندارن پاران حدخليون ڪيون ويون آهن جنهن سبب مشڪلاتون پيش اچي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.