هائبرڊ نظام ناڪام؟عدليه اسٽيبلشمينٽ تي ڪاوڙيل

لنڊن(رضا رومي+سجاد انور+وسيم عباسي)اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان آيل نئون حڪومتي سيٽ اپ اڃا تائين لوڏن ۾ آهي، هائبرڊ نظام ناڪامي ڏانهن وڌي رهيو آهي،پي ٽي آءِ چونڊن کي هيل تائين تڪراري بڻائي رکيو آهي، فيض حميد جي گرفتاري باوجود اڃا ڪجهه ناهي بدليو، عدليه اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جي روئي جي ڪري ناراض آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مزاحمتي ماحول بڻجي ويو آهي، ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي حق ۾ لابي نه بڻائي سگهيو،ان کان اڳ چيف جسٽسز گروپ بندي ڪندا رهيا آهن،مخصوص سيٽن بابت فيصلي ۾ قاضي فائز عيسيٰ اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو،عدم استحڪام جو سمورو ملبو سياسي حڪومت تي ڪري رهيو آهي،اصل ناڪامي طاقتور حلقن جي آهي، سياسي بحران ۾ چيف جسٽس جو اهم رول بڻجي چڪو آهي، ماضي ۾ ن ليگ جي حڪومت 19هين ترميم تي افتخار چوڌري جو دٻاءُ برداشت ڪري وڃي ها ته هن وقت جج کلي عام سياست نه ڪري سگهن ها، ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان پنهنجي تجويزن جي منظوري جي بدلي آئيني ترميم تي راضي ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته نوازشريف مولانا سان رابطو ڪيو ته مٿس انڪشاف ٿيو ته هن وٽ ته مڪمل مسودو ئي ناهي جنهن بعد هو ڪاوڙجي لاهور هليو ويو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 19 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.