اسلام آباد(م ڊ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اپيڪس ڪميٽي ۾ فوجي اسٽيبلشمينٽ سخت موقف اختيار ڪيو هو. قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئيني ترميمن جي تجويزن ۾ اها ڳالهه به شامل هئي ته فوجي اڏن تي حملن جا ڪيس آئين ۾ استثنيٰ جي حد تائين فوجي عدالتن ذريعي هلائي سگهجن ٿا پر حڪومتي اتحادي بلوچستان ۽ فضل الرحمان چيو ته هي وقت نه آهي هاڻي نه ڪريو. هن چيو ته فوجي اسٽيبلشمينٽ وڌيڪ چيو ته ”راه حق جي شهيد“ جا نعرا هڻڻ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته اپيڪس ڪميٽي ۾ فوجي اسٽيبلشمينٽ سخت موقف اختيار ڪيو هو ته عدليه جي ڪمزوري سبب دهشتگردي جو خاتمو نه ٿو اچي سگهي. هن مطالبو ڪيو ته انگن اکرن سان آگاهه ڪري سول پاسي کان فوجي جوانن کي شهيد ڪرڻ وارن ڪيترين ماڻهن کي عدالتن مان سزا ڏني آهي.