حڪومت پاران پي اي سي جو عبوري چيئرمين مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي چيئرمين جي مقرري ۾ اپوزيشن  جي عدم دلچسپي سبب حڪومت پي اي سي جي چيئرمين لاءِ عبوري چيئرمين مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.حڪومت جي ٻن خطن باوجود اپوزيشن چيئرمين پي اي سي لاءِ نالا نه موڪليا.مسلم ليگ ن جي چيف ويپ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جو چوڻ آهي ته عوام جي بهترين مفاد ۾ هن عهدي کي گهڻو وقت خالي نٿو رکي سگهجي، پي اي سي چيئرمين جي چونڊ ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٿيندي.طارق فضل چوڌري چيو ته چيئرمين پي اي سي لاءِ اپوزيشن کي 2 خط لکيا ويا، خطن ۾ چيو ويو ته اپوزيشن 4 ميمبرن تي ٻڌل پينل موڪلي، مخالف ڌر اڃا تائين انهن ٻنهي خطن جو ڪو مثبت جواب ناهي ڏنو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته پي اي سي ايندڙ هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ اپوزيشن جي امانت آهي، جڏهن به اپوزيشن 4 نالا موڪليندي ته عبوري چيئرمين استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.