ايندڙ چيف جسٽس جسٽس منصور علي شاهه لڳي رهيو آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو ته في الحال لڳي ٿو ته ايندڙ چيف جسٽس منصور علي شاهه هوندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مسودي کي شڪي بڻايو پيو وڃي.  مسودي ۾ قانون وارو وزير، سندس ٽيم ۽ اٽارني جنرل شامل هئا جڏهن ته مولانا صاحب جي ٽيم وٽ مسودو هو. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته علي محمد خان اڄ چئي رهيو هو ته اسان جي ليڊر کي ٻاهر ڪڍو، پوءِ آئيني ترميمن تي بحث ڪنداسين يا وچ ۾ جيڪي ترميمون انصاف جي فراهمي جي لاءِ ڪيون پيون وڃن، جيڪڏهن توهان پنهنجي راءِ وٺي اچو. مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جي ليڊر کي آزاد ڪيو وڃي، توهان جي اين آر او جي خواهش پراڻي ٿي وئي آهي، ان کي بارگيننگ چپ طور استعمال نه ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.