ڪراچي (رپورٽر) عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومت آئيني ترميم بدران بجلي بل گهٽائڻ تي ڌيان ڏئي.نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيند مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت آئيني ترميم بدران بجلي بل گهٽائڻ تي ڌيان ڏئي ته جيئن مهانگائي کي منهن ڏيندڙ عوام کي رليف ملي سگهي.هن چيو ته آئيني عدالت لاءِ ترميم تي حڪومت جي نيت ڪا ٻي آهي، فرد واحد لاءِ اها ترميم ڪئي پئي وڃي ۽ ان سان عدالتي نظام ۾ ڏکيائيون پيدا ٿينديون ۽ حڪومت ان ترميم کانپوءِ ججن کي پنهنجي مرضي سان ٽرانسفر ڪري سگهندي.سندس چوڻ هو ته اين ايف سي فارمولي کي به نئين سر ڏسڻ جي ضرورت آهي، ان ۾ خرچن، خاص طور وياج ۽ دفاع جي خرچن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي.