چيف جسٽس آڻي من پسند فيصلا ڪرڻ جي روايت ختم ٿيڻ گهرجي: حافظ نعيم

لاهور( بيورو+م ڊ ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت پاران تجويز ڪيل آئيني ترميم کي پاس ڪرڻ جو طريقو ۽ قدم افسوسناڪ آهي، چيف جسٽس ۽ ججن کي آڻي من پسند فيصلا ڪرڻ جي روايت ختم ٿيڻ گهرجي. قومي ادارن جي ڦرلٽ جي اجازت نه ڏني ويندي، اسٽيل ملز، ريلوي ۽ ٻين ادارن کي تباهه ڪرڻ وارن کي ڦاهي ڏني وڃي، ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري دنيا ۾ نجڪاري جو بدترين مثال آهي.سود خور معيشت جي خاتمي بابت عدالتي فيصلي جو اڌ مدو گذري ويو آهي، حڪومت اڃا تائين ڪو به قدم نه کنيو آهي. راولپنڊي معاهدي جي 45 ڏينهن جو مدو پورو ٿيڻ ۾ پنج ڏينهن باقي آهن، جيڪڏهن ان تي عمل نه ٿيو ته 23 سيپٽمبر تي ايندڙ لاءِ  عمل جو اعلان ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.امير جماعت چيو ته آءِ پي پيز جي ڪانٽريڪٽ ۾ ڪيپيسٽي چارجز ختم ڪري ۽ حڪمران پنهنجون آسائشون ۽ مراعتون گهٽائن ته عوام جا اربين رپيا بجلي جي بچت ٿي ويندا. حافظ نعيم الرحمان چيو ته 7 آڪٽوبر تي غزه تي اسرائيلي ظلمن کي هڪ سال مڪمل ٿي ويندو، هو حڪومت کان مطالبو ڪندو ته هو فلسطين يڪجهتي هفتو ملهائڻ جو اعلان ڪري،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.