اسيمبليون ۽ چونڊون حق خوداراديت جو متبادل نٿيون ٿي سگهن\صدر زرداري

اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قانون ساز اسيمبلي جي چونڊ کي رد ڪري ڇڏيو. صدر سان  پاڪستان ۾ رهندڙ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي پناهگيرن جي وفد صدر هائوس ۾ ملاقات ڪئي.  ايوان صدر جي ترجمان موجب صدر والاريل ڪشمير جي قانون ساز اسيمبليءَ جي چونڊن کي رد ڪندي چيو آهي ته اسيمبليون ۽ چونڊون ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جو متبادل نٿيون ٿي سگهن. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اهڙيون چونڊون ڪشميري عوام لاءِ ناقابل قبول آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.