ڪراچي ۾ برسات متاثر روڊن جي بحالي لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي منظوري

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ برساتن سبب متاثر ٿيندڙ روڊن جي بحالي لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي  منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته مڪاني کاتي کي 2022ع کان پوءِ ٺهيل رُوڊن جي ٽٽڻ جي تحقيقات جو حڪم ڏيندي چيو ته غير معياري ڪم برداشت نه ڪيو ويندو، ذميوارن کي خلاف سخت قدم کنيا ويندا، عوامي جاين جي تعمير ۽ سار سنڀال لاءِ احتساب جو هجڻ ضروري آهي.هن اها ڳالهه وزير اعلي هائوس ۾  صدارت  ڪندي چئي . اجلاس ۾  منصوبا بندي ۽ ترقيات واري وزير ناصر حسين شاهه، بلديات واري وزير سعيد غني، ڪراچي جي ميئر مرتضي‏ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمنٽ نجم شاهه، بلديات واري سيڪريٽري خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي افضل زيدي ۽ اسپيشل فنانس سيڪريٽري ناصر ميمڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاه بلديات واري وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته 2022ع کانپوءِ تعمير يا مرمت ٿيندڙ روڊ ڪيئن ٽٽي ويا ان جي تحقيات ڪئي وڃي. ان جو چوڻ هو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪم معياري نه ڪيو ويو هو ان ڪري ذميوارن کي انجام تائين پهچائڻ ضروري آهي. ميئر ڪراچي مرتضي وهاب  وڏي وزير کي ٻڌايو ته  ڪراچي جي 120 روڊن، فلاءِ اوورز ۽ پُلن کي مرمت جي ضرورت آهن جن ۾ ضلعي ڊکڻ جا 20 روڊ، اوڀر جا 20 ، سينٽرل جا 7 ، اولهه جا 38،  ڪورنگي جا 11،  ملير جا 12 روڊ ۽ 10 فلاءِ اوورز شامل آهن. ميئر ڪراچي چيو ته ٽٽل روڊن ، پلن ۽ فلاءِ اوورز جي مرمت لاءِ ڏيڍ ارب روپين جي ضرورت آهي. وڏي وزير رقم منظور ڪندي هدايت ڪئي ته ڪم معياري ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.