ڪراچي (رپورٽر)لياري نرسنگ ڪاليج جي شاگردن ۽ جماعت اسلامي جي اڳوڻي ايم پي اي سيد عبدالرشيد جي شاگردن مٿان حملي ۽ ايف آئي آر داخل ٿيڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. ان موقعي پريس ڪانفرنس ڪندي زخمي شاگردن نبيل، ناصر، واجد علي يونس، حسين ۽ ٻين چيوته گذريل ڏينھن اسان مٿان لياري جنرل اسپتال ٻاھران شبانا بلوچ ۽ پيپلزپارٽي جي غنڊن طرفان حملو ڪيو ويو اسان کي زخمي ڪيو شاگردن گرفتار ڪيو ويو ۽ اسان جي گرفتاري شاگردن مٿان ايف آئي آر داخل ڪئي وئي. ايس ايس پي سائوٿ اسان جي درخواست نه نه ٿو وٺي. جماعت اسلامي جي اڳوڻي ايم پي اي سيد عبدالرشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته يارنهن شاگردن کي زخمي ڪيو ويو، شاگردن کي ڪاليج جي اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، ماضي ۾ لياري جا گينگسٽر هن وقت ڪاليج تي قابض آهن، شاگردن کي ڪنهن به قسم جون سرگرميون ڪرڻ نٿيون ڏنيون وڃن، شبانه بلوچ کي لياري نرسنگ ۾ غيرقانوني طور پرنسپال مقرر ڪيو ويو ھو. انجم رحمان عزير لال ۽ شبانه خلاف جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي.