طالبان سفارتڪار جو قومي تراني تي اٿي نه بيهڻ بحث جو موضوع بڻيل

اسلام آباد (م ڊ) طالبان حڪومت جي سفارتڪارن پاران پاڪستان جي قومي تراني جي احترام ۾ اٿي نه بيهڻ وارو معاملو بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي. پاڪستان طرفان ان معاملي تي سخت احتجاج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عوامي حلقن ۾ پڻ سخت ردعمل سامهون اچي رهيو آهي. تڪرار اهڙي وقت سامهون آيو، جڏهن تازو ئي پاڪستان-افغان سرحد تي ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ آئي. پاڪستاني سڪيورٽي فورسز ۽ طالبان سڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. افغان قونصل جنرل محب الله شاڪر ۽ سندس ساٿين پشاور ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن پاڪستان جو قومي ترانو وڄايو ويو ته وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ ٻيا ماڻهو پنهنجي سيٽن تان اٿي بيٺا، پر افغان قونصليٽ جا ٻئي سفارتڪار پنهنجين سيٽن تي ويٺا رهيا. پرڏيهي آفيس طالبان سفارتڪارن جي ان قدم کي مذمت جوڳو ۽ سفارتي آداب خلاف قرار ڏنو. پاڪستاني پرڏيهي آفيس به افغان سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ٻئي طرف پشاور ۾ افغان قونصليٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قونصل جنرل پاڪستان جي قومي تراني ۾ موسيقي جي استعمال سبب نه اٿيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.