خانپور (ن ع آ) خانپور ويجھو ڪوٽ شاھو جي ڪچي واري علائقي ۾ بڊاڻي جتوئي جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار ڪر کنيو 10 ھٿياربندن حملو ڪري ڳوٺ جي ڀرسان مال چاريندڙ 25 سالا ڌنار رضا محمد پٽ امير بخش بڊاڻي جتوئي کان چوپايو مال ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪري چوپايو مال ڦر ڪري فرار ٿي ويا ،اطلاع تي وارث ۽ پوليس پھچي قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي لاءِ خانپور اسپتال منتقل ڪيو ان موقعي تي سندس جي وارثن جو چوڻ ھو ته پنھنجي برادري جي عبدالحق ۽ جلال بڊاڻي جي ڌر سان جھيڙو ھلندڙ ھو جن حملو ڪري اسان جي نوجوان کي قتل ڪري اسان جو چوپايو مال ڪاھي ويا آھن اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو جيڪي پھچي نوجوان مقتول جو مڙھه ضروري ڪاروائي بعد گھر پھچڻ تي سندس جي گھر ڀاتين م ڪھرام مچي ويو .