ٽن امپائرن جو مدو وڌائڻ لاءِ آئيني ترميم ڪئي پئي وڃي: عمران خان

اسلام آباد( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حڪومت تي الزام لڳائيندي چيو آهي ته آئيني ترميم ان ڪري ٿي رهي آهي جو چار امپائر گڏجي کيڏيا  پوءِ به هارائي ويا. پي ٽي آءِ جي باني چيو ته ٽن امپائرن جو مدو وڌائڻ لاءِ  آئيني ترميم ڪرڻي پئي اٿن انهن امپائرز ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر شامل آهن، مدي ۾ واڌ جو مقصد فراڊ اليڪشن کي تحفظ ڏيڻ آهي. صحافي سوال ڪيو ته عدالتي آئيني ترميم وارو معاملو ته هاڻ ريورس ٿي ويو؟ جنهن تي هن چيو ته حڪومت نمبر پورا ڪري رهي آهي، اهي ترميم ضرور آڻيندا. سندس چوڻ هو اهي ڊنل آهن ته قاضي فائز عيسيٰ رستي تان هٽي ويو ته 9 مئي ۽ فراڊ اليڪشن جي جاچ کُلي ويندي، 9 مئي تي اسان جي پارٽي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آئين جي ابتڙ اليڪشن ۾ دير ڪئي وئي ته جيئن پي ٽي آءِ کي چٿي سگهجي. عمران خان وڌيڪ چيو ته لاهور ۾ جلسو روڪڻ لاءِ وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي آهي، ڇا به ٿئي جلسو ڪنداسين، قوم کي پيغام ڏيان ٿو ته لاهور جلسي لاءِ ٻيڙيون ساڙي نڪري. ان کان پوءِ هڪ صحافي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کان سوال ڪيو ته هو مولانا فضل الرحمان جي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسن؟ جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم جواب ڏنو ته ڪجهه نٿو چئي سگهان. پي ٽي آءِ باني چيو ته جمهوريت لاءِ سمورين سياسي قوتن کي متحد ٿيڻو پوندو. مولانا جيڪڏهن جمهوريت لاءِ بيٺا آهن ته اها سٺي ڳالهه آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي خلاف 9 مئي کان اڳ 140 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. مون کي ٻه قتل جي ڪوشش ڪئي هئي. پارٽي ختم نه ٿي رهي هئي ان ڪري 9 مئي تي واقعو ڪيو ويو. قاضي فائز عيسيٰ هڪ سال تائين 9 مئي جي عدالتي انڪوائري جي اجازت نه ڏئي رهيو آهي. ڊپ آهي ته جيڪڏهن نئون چيف جسٽس آيو ته هو 9 مئي تي جاچ ڪرائيندو. جنهن 9 مئي تي حملو ڪيو ان جو ذميوار پاڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.