ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نثار کهڙي جي صدارت هيٺ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي، سيڪريٽري توانائي، ناڻي واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي.ذريعن مطابق اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي سنڌ حڪومت کي ڊيوٽي جي مد ۾ وصول ڪيل 30 ارب رپيا ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي واٽر بورڊ ڏانهن 33 ارب رهتن جي ادائگي ناھي ڪئي وئي، جيستائين ڪي اليڪٽرڪ جون بقايائون ادا نه ڪيون وينديون، اھا رقم سنڌ حڪومت جي حوالي نھ ڪئي ويندي. ان موقعي تي نثار کهڙي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو ڊيوٽي جي رقم بلن سان مشروط ڪرڻ غير قانوني عمل آھي. اجلاس کي خطاب ڪندي توانائي کاتي جي سيڪريٽري چيو ته سنڌ حڪومت وٽ بجلي جا 30 ارب رپيا آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم سراج چيو ته سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ کي ڊيوٽي وصول ڪرڻ کان روڪي، ميئر ڪراچي اليڪٽرڪ ذريعي ڊيوٽي وصول نه ڪري. ناڻي کاتي جي سيڪريٽري فياض جتوئي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ غير قانوني رستو اختيار ڪيو آھي بعد ۾ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو.