گهوٽڪي پوليس ڀوتارن جي ونگارو، شهيد نصرالله جي وارثن تي ڪيس داخل

گهوٽڪي(رپورٽ:آزاد مھر) انصاف گهرڻ ڏوهه بڻجي ويو،  ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان امان پٺاڻي ۽ ٻين وارثن کي خاطري ڪرائڻ باوجود شهيد جي وارثن مٿان 2 ڪيس داخل ڪري ڇڏيا. 2 ڏينهن اڳ  ميرپورماٿيلو ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  شهيد جي وارثن توڙي ساٿين پاران پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس آڏو ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو بعد ۾ ريلي جي واپسي دوران نثار پمپ وٽ ريلي مٿان هٿياربندن حملو ڪري صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءَ يعقوب گڏاڻي سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو ريلي مٿان حملي خلاف شهيد نصرالله جي امڙ پٺاڻي ۽ ڀاءَ يعقوب گڏاڻي جي اڳواڻي م قومي شاهراهه تي هڪ دفعو ٻيهر ڌرڻو لڳايو ويو جيڪو رات ساري جاري هو صبح جو ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ بگٽي ڌرڻي واري هنڌ پهچي امان پٺاڻي سان ڳالهيون ڪري انصاف ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪو به ڪيس داخل نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ان باوجود ايس ايس پي گهوٽڪي ايم اين اي خالد لنڊ جي ونگار وهندي ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن خلاف ڪيس جي شاهدن خلاف 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.  خالد لنڊ جي منشي ذاڪر لنڊ جي فرياد تي ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءَ يعقوب گڏاڻي, ڪيس جي شاهد قمر گڏاڻي, نعمان مرڻاس, عبدالهادي گڏاڻي, اسرار, دوست علي, خادم حسين, صالح محمد, بابر ولد عبدالله, ضمير گڏاڻي, جميل, فياض, محمد خان گڏاڻي, قدوس, سليمان, الطاف, محمد حنيف گڏاڻي سميت 16 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي فريادي ذاڪر لنڊ ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن يعقوب گڏاڻي جي بڇ تي لوهي راڊون هڻي مونکي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ مونکي قتل جي ارادي سان منهنجي مٿان حملو ڪيو ويو. جڏهن ته گهوٽڪي پوليس سرڪار پاران پڻ ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن توڙي لنڊ برادري جي ماڻهن مٿان  جهيڙي جو  ڪيس داخل ڪيو. ٻئي طرف ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءَ  يعقوب گڏاڻي جي فرياد تي لنڊ برادري جي جوابدارن پانڌي لنڊ, ممتاز لنڊ, ڪرم الله لنڊ, اقبال فريد شيخ, غلام مصطفي لنڊ, معروف لنڊ, لالا پرويز ميراڻي, اصغر لنڊ, غلام فريد لنڊ, نظير, علم دين, ممتاز لنڊ, بشير لنڊ, امتياز, سميت 14 سڃاتل ٻيا نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

  1. ڇا به ڪيو، پٽ جي قاتلن کي ڦاهي جي ڦندي تائين پهچائينديس: امان پٺاڻي

گهوٽڪي : ڀلي ڪيترا به ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايو, شهيد پٽ جي قاتلن کي ڦاسي تائين پهچائڻ تائين خاموش نه ويهنديس, امان امان پٺاڻي  ۽ يعقوب گڏاڻي چيو ته ڪيس جي حاضري جي سلسلي ۾ ڪراچي آيل آهيون ڪوڙن ڪيسن ذريعي هيسائڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون پيون وڃن ساڻن آخري دم تائين مقابلو ڪنداسين  اسان کي ڪيسن کان ڊيڄاري خاموش نٿا ڪري سگهو آءُ  شهيد پٽ نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي ڦاسي  تائين پهچائڻ تائين خاموش نه ويهنديس. هوڏانهن شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءَ يعقوب گڏاڻي چيو ته آءُ ڪراچي ۾ عدالت م ڪيس جي  حاضري لاٰءِ آيل آهيان واپس اچي ڀوتارن سان قانوني جنگ جاري رکندس. منهنجي ۽ منهنجي خاندان جي ماڻهن شهيد نصرالله ڪيس جي شاهدن ۽ شهيد جي دوستن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن اهڙن ڪوڙن ڪيسن کي پڻ عدالتن ۾ چئلينج ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.