جروار ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري قتل، ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جي ڪوشش

جروار(رپورٽ: همت بوزدار)جروار ڀرسان ڳوٺ محمد علي بوزدار ۾ 16 سالا ناري سويره بوزدار کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو جڏهن ته جوابدارن طرفان ناري جي لاش کي رات جي پهر ۾ دفنائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي، هوڏانهن جروار پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي قتل ٿيل ناري سويره بوزدار جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته جروار پوليس جو چوڻ هو ته ناري کي ڳڙهي چاڪر واسي نوجوان علي گبول سان ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي قتل ٿيل ناري جي واقعي بابت وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي  هوڏانهن ذريعن موجب ناري کي قتل ڪندڙ سندس پيءُ بخشل بوزدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي پر پوليس سندس گرفتاري ظاهر نه ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.