معاوضو نه گم ٿيل ماڻهن جي آزادي گهرجي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻن ڀائرن سميت 14 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت  داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو جن کي کنڀي گم ڪيل جو تعين ٿيو آهي انهن کي معاوضو ڏنو پيو وڃي، سرڪاري وڪيل جي بيان تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي معاوضو نه گم ٿيل ماڻهن جي آزادي سان مطلب آهي، نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ڪهڙا جوڳا قدم کنيا ويا آهن. عدالت ايندڙ ٻڌڻي آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کان تازيون اڳڀرائي رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن. عدالت ايف آءِ اي کان گم ٿيل ماڻهن جي سفري هسٽري طلب ڪري ورتي آهي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترين ئي ڪيسن جون 24 ، 24 کان وڌيڪ جي آئي ٽيز اجلاس ٿي چڪا آھن، عدالت چيو ته ايترا جي آءِ ٽيز اجلاس ٿي چڪا آهن پر گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا نه ڪئي وئي آهي. عدالت سينيئر وڪيل عبدالستار جي پٽ نور محمد ۽ ڊرائيور قادر جي بازيابيءَ لاءِ پوليس کي قدم تيز کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عدالت وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.