ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڇهه واهه ڪڍڻ خلاف اڄ احتجاجي مظاهرا ٿيندا

حيدرآباد(رپورٽر) مختلف سياسي ۽ قومپرست 11 جماعتن جي جوڙيل اتحاد "سنڌو درياهه  بچايو تحريڪ” جي سڏ تي اڄ سڄي سنڌ ۾ ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم ڪرڻ ۽ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي خلاف ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا. ان سلسلي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون ڪري 91ع واري پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي ارسا جي جوڙجڪ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري وفاقي حڪومت جي سنڌ دشمن ۽ درياهه دشمن فيصلي خلاف سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي سڏ تي اڄ سڄي سنڌ ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. جن ۾ مختلف قومپرست ۽ سياسي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شرڪت ڪندا. هن اتحاد ۾ ايس يو پي, جي ڊي اي, قومي عوامي تحريڪ, عوامي جمهوري پارٽي, جيئي سنڌ محاذ, جميعت علماءِ اسلام(ف) جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي سميت 11 جماعتون شامل آهن. هن چيو ته سنڌ 8 جولاءِ تي اسلام آباد جي صدارتي محل ۾ تيار ٿيل سازش کي رد ڪري ٿي, سرسبز پاڪستان پروگرام جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون سڪائڻ وارين سمورين رٿائن کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڻي زندگي آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي زندگي جي ضمانت سنڌو درياهه آهي, سنڌو درياهه کي وڌيڪ سڪائڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ انهن جا اقتداري لالچ رکندڙ سهولتڪار سازشون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميون ڪرڻ ۽ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو مقصد سنڌ کي سڪائڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. ڪالاباغ ڊيم ۾ به نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو شامل هو ۽ هاڻ هن نئين منصوبي ۾ به نوان ڪئنال ڪڍڻ جي ڳالهه ٿيل آهي, ان ڪري ان منصوبي کي اسان ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ منصوبو سمجهون ٿا. سنڌ ڪالاباغ ڊيم کي به رد ڪيو هو ۽ هاڻ نئين نالي سان ايندڙ سنڌ دشمن رٿا کي به رد ڪري ٿي. جيڪو ڪم ضياالحق ۽ پرويز مشرف نه ڪري سگھيا، اھو ڪم ايوان صدر ۾ ويھي آصف زرداري ڪري رھيو آھي.

  1. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف جي ڊي اي پاران اڄ احتجاج جو سڏ

ڪراچي ( رپورٽر ) جي ڊي اي ۽  ٻين جماعتن جي اڳواڻن جي گڏيل فيصلي بعد جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد  صدرالدين شاھ راشدي جي ڊي اي ۽ فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي آھي ته اھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف 19 سيپٽمبر تي ڪراچي پريس ڪلب سميت سنڌ جي سمورن پريس ڪلبن آڏو پر امن احتجاجي مظاهرا ڪيا وڃن،اھڙن خيالن جو اظھار پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم پنھنجي جاري بيان ۾ ڪيو هن چيو ته انھن مظاھرن ۾ فنڪشنل ليگ ،ايس يو پي،عوامي تحريڪ ،سنڌ ترقي پسند پارٽي،تحريڪ انصاف ،جمعيت العلماءُ اسلام،جماعت اسلامي،جيئي سنڌ محاذ،پيپلزپارٽي ورڪرز،عوامي جمهوري پارٽي،نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن سميت عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندو.

  1. سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد ( پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي آھي ته سنڌو درياھه کي سڪائي  ڀڙڀانگ ڪرڻ لاءِ  6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا قانون ۾ ترميم خلاف جي ڊي اي ۽ قومي عوامي تحريڪ سميت 11 جماعتن جي سڏ تي اڄ سڄي سنڌ جي پريس ڪلبن آڏو مظاهرا ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته جيڪو ڪم ضياالحق ۽ پرويز مشرف نه ڪري سگھيا، اھو ڪم ايوان صدر ۾ ويھي آصف زرداري ڪري رھيو آھي. سنڌ جو عوام ڪڏھن به سنڌو درياھه خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نه  ڏيندو. 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا آئين ۾ ترميم سنڌ دشمني آھي. انڊس رور سسٽم ۾ سنڌ جي ملڪ جي ضرورتن جيترو پاڻي ناھي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي

  1. سنڌو تي ڊيم قبول ناهي، مظاهرن جي حمايت ڪيان ٿو: صنعان قريشي

ملير (ڊ ر)جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) چيئرمين صنعان خان قريشي 23 سيپٽمبر تي سنڌو درياءُ جي ڪنارن تي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏئي  ڇڏيو، جسقم چيئرمين چيو آهي ته سنڌوڪنارن تي ڪارڪن گڏ ٿي درياءُ ۾ گل نڇاور ڪندا ۽ احتجاج ڪندا ته سنڌو درياهھ تي ڪو به ڊيم قبول ناهي، هن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌو درياءَ سنڌ جو جياپو آهي، تنهن ڪري سنڌو درياءُ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد ۽ کڄندڙ هر وک جي حمايت ڪريان ٿو، هن سڀاڻي 19 سيپٽمبر تي ٿيندڙ احتجاج جي به حمايت ڪري ڇڏي، هن چيو ته پاڻي ورڇ جي اداري ارسا ۾ ترميمون سنڌ کي ملندڙ پاڻي لاءِ نقصان ڪار آهي.

  1. ڪراچي بار ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۾ رد ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي بار ايسوسيئيشن ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي،ڪراچي بار جي وقتي صدر نصر الله جلباڻي ۽ وقتي جنرل سيڪريٽري جهانزيب مري پاران سنڌ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي بار ارسا ايڪٽ م ترميم کي رد ڪندي مطالبو ڪري ٿي ته ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ ترميم نه ڪئي وڃي ۽ پاڻي جي ورڇ واري 1991 جي ٺاهه تي عمل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.