لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حامد خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو سينيئر جج ئي چيف جسٽس ٿيندو، جسٽس منصور علي شاهه کانسواءِ ٻيو ڪو به چيف جسٽس قبول ناهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان دوران حامد خان چيو ته سڀاڻي جي قومي ڪنوينشن جو مقصد تجويز ڪيل آئيني ترميم کي رد ڪرڻ آهي، اهڙي آئيني ترميم جو ڪو به وقت ۽ صورتحال ناهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ ٻي عدالت قبول نه ڪنداسين. حامد خان جو چوڻ آهي ته وڪيل صرف سپريم ڪورٽ تي يقين رکن ٿا، سپريم ڪورٽ جي آئيني حيثيت کي گهٽائڻ نه ڏينداسين. ٻئي طرف لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر اسد منظور چيو آهي ته ڪابينا ۽ سپريم ڪورٽ کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، ججن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ اندر ئي عدالت ٺاهي پئي وڃي.