ميثاق جمهوريت ۾ طئي ٿيو هو ته آئيني عدالت هجڻ گهرجي: فاروق ايڇ نائيڪ

اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته جيتريون به اولهه جمهوريتون آهن، اتي آئيني عدالتون موجود آهن. اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ اجلاس کي خطاب ڪندي فاروق ايڇ نائيڪ چيو  اسان کي گهرجي ته سٺو پروپوزل کڻي اچون، چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ لکيو ويو هو ته آئيني عدالتون هجڻ گهرجن، چارٽر آف ڊيموڪريسي تي نواز شريف ۽ محترمه شهيد صحيحون ڪيون هيون. هن تجويز ڏني ته حڪومت پنهنجو ڊرافٽ ڏئي ۽ اسان هڪ ڪميٽي ٿا ٺاهيون، جيتريون به اولهه جمهوريتون آهن اتي آئيني عدالتون موجود آهن، اسان کي اها سٺي شئي ضايع نه ڪرڻ گهرجي، 1973 ۾ گڏيل طور تي آئين ۾ ترميم ٿي هئي. سندس چوڻ هو ته آئيني عدالت وقت جي ضرورت آهي، مصر ۽ انڊونيشيا ۾ آئيني عدالتون موجود آهن. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت وقت تي ڪابينا ۾ بل پيش نه ڪندي ته ايوان به منظور نه ڪندو.  ارڙهين ترميم ۾ وقت لڳي ويو، پر آئيني عدالت هجڻ گهرجي، اها خبر ناهي ته هاءِ ڪورٽ جا جج آئيني عدالت يا هاءِ ڪورٽ جا جج مقرر ڪندي، ڪنهن کي خبر ناهي.

  1. حڪومت پاران آئيني ترميم تي مخالف ڌر ۽ وڪيلن سان ڳالهائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت آئيني ترميم جي معاملي تي مخالف ڌر ۽ بار ايسوسيئشنز کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ بار ايسوسيئيشن جي نمائندن سان ملاقات ڪندو. ٻئي طرف حڪومت آئيني ترميم  تي اتفاق راءِ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف سان رابطو ڪري تجويز ڪيل مسودي تي غور ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، جڏهن ته راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ ميمبرن کان مسودي بابت پڇاڻو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ به عمران خان سان مشاورت جو مطالبو ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب وفاقي حڪومت آئيني ترميم جي حوالي سان مختلف اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان بار ايسوسيئشنز کي به اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سومر ڏينهن گرفتار ٿيل پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو. ذريعن موجب راڻا ثناءُ الله تجويز ڪيل آئيني ترميم جي مسودي لاءِ وزيراعظم نذير تارڙ سان به ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ مخالف ڌر کي مسودو پيش ڪرڻ جو چيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.