بيروت ( م ڊ ) نيوز ايجنسي اي ايف ۽ نيوز ايجنسي اي پي جي مطابق لبنان جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته پيجر ۽ واڪي ٽاڪيءَ جي ڌماڪن ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، هينئر تائين مليل رپورٽن موجب اڪثر زخمين جي پيٽ ۽ هٿن تي زخم آيا آهن. لبنان ۾ ڪم ڪندڙ امدادي تنظيم ريڊ ڪراس جو چوڻ آهي ته ملڪ جي ڏکڻ ۽ اوڀر سميت مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي ڌماڪن جي اطلاعن کانپوءِ سندس ٽيمون امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن.هن چيو ته ان کان علاوه پيجرز ۽ ڊيوائسز جا ڌماڪا بيروت جي مشرقي ۽ ڏاکڻي علائقن ۾ ٿيا، جن کي حزب الله جو مضبوط قلعو سمجهيو وڃي ٿو.لبنان جي صحت واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته ڌماڪن ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا.رائٽرز موجب سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن پيجر ڌماڪن ۾ شهيد ٿيندڙن جي جنازي نماز دوران هڪ ڌماڪو ٿيو.سرڪاري خابرو اداري موجب سوهمور جي علائقي ۾ ڊيوائسز جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته بلبيڪ جي اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته واڪي ٽاڪي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 15 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي واڪي ٽاڪيون به پنج مهينا اڳ ساڳئي وقت خريد ڪيون ويون هيون جڏهن پيجر خريد ڪيو ويون هيون، ٻئي طرف حزب الله پيجر ڌماڪن جو بدلو وٺڻ لاءِ اڄ اسرائيلي فوج جي توپن جي ٺڪاڻن کي ميزائلن سان نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر اسرائيل طرفان هن وقت تائين ان حوالي سان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو.هوڏانهن آمريڪي عملدارن موجب، اسرائيل لبنان ۽ شام ۾ حزب الله جي اڳواڻن جي استعمال هيٺ پيجر ڊوائيسز کي تنظيم جي طرفان ڳجهي آپريشن جي ڄاڻ تائين رسائي جي خطري سبب ڌماڪي سان اڏايا ويا.