اسلام آباد(م ڊ) قانون ۽ انصاف واري مشير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته ڪوشش آهي ته آئيني پئڪيج تي مڪمل اتفاق راءِ ٿي وڃي، ڪميٽي ۾ 5 نوان ميمبر آيا آهن انهن جي راءِ به ورتي ويندي، مسودو اهو ئي جنهن جو اسان پهريون ذڪر ڪري چڪا آهيون، آئيني ترميمن تي سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي، مولانا فضل الرحمان جي سينيارٽي بابت تجويز ڀلي آهي، جلد انصاف جي فراهمي چاهيون ٿا، هن چيو ته جيستائين اتفاق راءِ نٿو ٿئي تيستائين ڀلي بل پيش ڪرڻ ۾ دير به ٿي سگهي ٿي، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ حڪومت جا نمبر پورا آهن، پي ٽي آءِ جا ڄاڻايل 41 ميمبر آزاد آهن، انهن مان ڪو ووٽ ڏئي سگهي ٿو،
-
قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس ڪيترائي ڀيرا ملتوي
اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ۽ اپوزيشن آئيني ترميمن بابت سرگرم آهن ۽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس دير جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. هڪ ئي ڏينهن ۾ اجلاسن کي 3، 3 ڀيرا ملتوي ڪيو ويو. حڪومت ۽ مخالف ڌر مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. جي يو آءِ طرفان حڪومت کي صلاح ڏني پئي وڃي ته آئيني ترميمن جي معاملي تي جلدبازي کان ڪم نه ورتو وڃي. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران عطا تارڙ جو چوڻ هو ته آئين ۾ جڏهن ترميم ٿيندي آهي ته هڪ هڪ نقطي تي راءِ ورتي ويندي آهي، وسيع سياسي مشاورت مڪمل ناهي ٿي ان لاءِ دير ٿي آهي.