اسلام آباد (شاهد ميتلا) آئيني ترميمن واري معاملي تي ڳالهين لاءِ مولانا فضل الرحمان نواز شريف کي گهر اچڻ کان روڪي ڇڏيو، ذريعن موجب حڪومت مولانا فضل الرحمان کي تجويز ڪيل آئيني ترميم تي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جي يو آءِ جي ذريعن موجب حڪومت تجويز ڪيل آئيني ترميم جو مسودو نه ڏنو آهي.جمعيت علماءِ اسلام (ف) پنهنجي تنظيمي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين حڪومت قانون سازي جو مسودو پيش نه ڪندي، ان جي حمايت نه ڪئي ويندي، جي يو آءِ ف جي اهم اڳواڻن چيو ته اسان جي پارٽي جي تنظيمي اجلاس دوران اسحاق ڊار مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ آيو هو، اسان کين تجويز ڏني ته اهم قانون سازي کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي ۽ ان جو مسودو به ڏنو وڃي، جنهن تي ڊار چيو ته هو آئيني ترميم کي ملتوي نٿا ڪري سگهن، وقت گهٽ هجڻ سبب ان کي شيئر نه ٿا ڪري سگهون جنهن تي مولانا فضل الرحمان حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته نوازشريف سان ملاقات جو وقت 7 وڳي مقرر ڪيو ويو هو، هو مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪرڻ چاهين ٿا پر کيس اچڻ کان منع ڪيو ويو .