اسلام آباد(م ڊ) نمبر گيم سبب وفاقي حڪومت رات دير تائين به آئيني ترميمن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، نمبر پورا نه ٿيڻ سبب پارليامينٽ جو اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو، قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه ساڍا 11 وڳي طلب ڪيو ويو هو پر سڄو ڏينهن جي انتظار باوجود شروع ٿي نه سگهيو، رات سوا يارهين وڳي اسپيڪر اياز صادق قومي اسيمبلي جو مختصر اجلاس گهرائي ڌيان ڇڪايو نوٽيس معطل ڪرڻ جي تحريڪ منظور ڪندي اڄ ساڍين 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو، اهڙي طرح سينيٽ جو اجلاس به رات دير تائين ٿي نه سگهيو، اڄ ٻيهر ٿيندو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا جو به اجلاس نه ٿي سگهيو، جيڪو به سڀاڻي ٻيهر گهرايو ويو آهي، هوڏانهن حڪومت ۽ اتحادي سڄو ڏينهن مولانا فضل الرحمان کي پرچائيندا رهيا پر حڪومت رات دير تائين به آئيني ترميمن کي به وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪري سگهي نه وري پارليامينٽ ۾ پيش ڪري سگهي، رات دير سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي رهائشگاهه کان پارليامينٽ هائوس پهچي ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان کان اڳ مولانا فضل الرحمان سينيٽر عطا الرحمان جي چيمبر ۾ پهتو، جتي صحافي سوال ڪيو ته ڊيڊ لاڪ ڪهڙي ڳالهه تي آهي؟ جنهن جي جواب ۾ مولانا چيو ته توهان ڏسندا رهندا، صحافي پاران سوال ڪيو ويو ته مولانا صاحب توهان جمهوريت سان گڏ آهيو يا حڪومت سان؟ جنهن جي جواب ۾ فضل الرحمان چيو ته مان اوهان سان گڏ آهيان.جنهن کانپوءِ چارٽر آف پارليامينٽ لاءِ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن تي ٻڌل قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي چيئرمين خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان شرڪت ڪئي، خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ آئيني ترميم جي منظوري تي مشاورت ڪئي وئي، اجلاس ۾ حڪومتي اتحادين ۽ مخالف ڌر جي 13 سينيٽر ۽ قومي اسيمبلي جي 7 ميمبر شرڪت ڪئي، جيڪو آڌي رات تائين جاري رهيو، جنهن ۾ ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان ۽ پي ٽي آءِ مشروط طور تي آئيني ترميمن جي حمايت ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو، ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ تجويز ڪيل آئيني بل کي ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته اهڙي اهم قانونسازي چند ڪلاڪن ۾ ممڪن ناهي، مسودي تي وڌيڪ مشاورت اڻٽر آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هو چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي سهڪار نٿا ڪري سگهن، ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان بل تي وڌيڪ مشاورت جي تجويز ڏني، جڏهن ته پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو ته قانون سازي جلدبازي ۾ نه ڪئي وڃي.ذريعن موجب پي ٽي آءِ، جي يو آءِ ۽ حڪومتي اتحادي پارٽين آئيني عدالت تي مشروط رضامندي ظاهر ڪئي آهي.
اسلام آباد(م ڊ) آئيني ترميمن جي حوالي سان حڪومت ۽ اتحادين جو سڄو زور مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ ۾ لڳو، حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ وفدن گذريل رات کان مولانا فضل الرحمان سان ٻه ٻه ملاقاتون ڪيون، پي ٽي آءِ وفد مولانا فضل الرحمان جي گهر ملاقات ڪئي، وفد ۾ شبلي فراز ۽ اسد قيصر شامل هئا، بعد ۾ بئريسٽر گوهر، عمر ايوب ۽ حامد رضا پهتا ۽ گڏجي مغرب جي نماز به ادا ڪئي.ان کان اڳ چيو ويو ته مسلم ليگ ن جو صدر نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف به مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچندا پر هو نه آيا، ملاقاتن بعد مولانا فضل الرحمان پارلياماني پارٽي جو اجلاس گهرائي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو، گذريل رات دير سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مولانا فضل الرحمان سان ڊگهي ملاقات ڪئي، ملاقات بعد بلاول ڀٽو زرداري وڪٽري جو نشانو ڏيکاريندي روانو ٿي ويو، ان کان اڳ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومتي وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي، مولانا فضل الرحمان آئيني ترميم لاءِ پنهنجي تجويز پيش ڪئي هئي. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ ملاقات ڪري آئيني ترميم سميت ٻين معاملن تي اعتماد ۾ ورتو، ملاقات ۾ خورشيد شاهه ۽ نويد قمر به موجود هئا، ٻي پاسي صدر هائوس ۽ وزيراعظم هائوس ۾ الڳ الڳ اهم مشاورتي اجلاس رهيا، جنهن ۾ حڪومتي عملدار آئيني ترميم لاءِ گهربل ووٽن تي مشاورت ڪندا رهيا، بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي وفد صادق سنجراڻي سان گڏ اسپيڪر چيمبر پهچي حڪومتي وفد سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ اختر لانگو، احمد نواز، احسان شاهه ۽ سينٽر عبدالقادر شامل هئا، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي.هوڏانهن اسحاق ڊار ۽ قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايم ڪيو ايم جي چيئرمين خالد مقبول صديقي جي چيمبر ۾ ملاقات ڪئي.