حيدرآباد(رپورٽر) کاٻي ڌر جي اڳواڻن چيو آهي ته آئين ۾ ترميمون ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻو آهي ته قومن وچ ۾ نئون سماجي معاهدو ڪرڻو پوندو، سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضو ڪري مقامي ماڻهن جو استحصال ڪيو پيو وڃي. زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ نيلام ڪرڻ بجاءِ اهي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيل نيشنل پارٽي ضلعي حيدرآباد جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ضلعي ڪنوينشن ۾ نيشنل پارٽي حيدرآباد جي لاءِ عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي. جنهن ۾ صدر جي عهدي تي غلام حسين لغاري، نائب صدر جئه پال ڪولهي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري اويس لغاري، عورت سيڪريٽري فضا تاج، سوشل ميڊيا سيڪريٽري مرڪ مري، جنرل سيڪريٽري افضل لغاري، فنانس سيڪريٽري نواب مگسي کي چونڊيو ويو. ان موقعي تي نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جي صدر تاج مري چيو ته نيشنل پارٽي سنڌ هارين ۽ پورهيتن جي حقن توڙي سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي ماڻهن جي مالڪي واري مقصد جي لاءِ جدوجهد جو عزم ڪري ٿي، سنڌ جو پورهيت طبقو انتهائي ڀيانڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، وسيلن تي مقامي ماڻهن جو حق تسليم نٿو ڪيو وڃي، هاري ۽ زرعي مزدور زميندارن ۽ سردارن جي ظلم جو شڪار آهن، اهڙي صورتحال ۾ پورهيت طبقي جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سمورين ڌرين کي گڏيل جدوجهد وارو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نئين چونڊجي عهديدارن کي مبارڪون ڏيڻ سان گڏ اها اميد ڪيون ٿا هو هارين ۽ مزدور جو آواز بڻجندا. سنڌ جون زمينون کسي هارين جا پير ڪڍيا پيا وڃن. هي زمينون هارين جون آهن. اهي هارين کي ملڻ گهرجن. ملڪ جا وسيلا هڪ ٽولي جي لاءِ نه پر ملڪ جي عوام جا آهن. کاٻي ڌر سان سلهاڙيل نينشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ رمضان ميمڻ چيو ته غوث بخش بزنجو سميت اسان جي ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪئي. هن چيو ته هاڻوڪين عام چونڊن ۾ بلوچستان ۾ نيشنل پارٽي جون کٽيل سيٽون ٻين کي ڏئي سليڪشن ڪئي وئي. پاڪستان اندر اليڪشن نه پر سليڪشن ٿئي ٿي. عوام جي حق حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ ترقي پسند، روشن خيال ۽ وطن دوست ڌرين کي منظم ٿي ڪري اسيمبلي تائين پهچڻ گهرجي تڏهن اسان پنهنجي وسيلن جي حفاظت ڪري سگهنداسين. هن چيو ته سياست تي اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن جي ساٿارين قبضو ڪري ورتو آهي. اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان حڪومتون ٺهن ۽ ڊهن ٿيون. پر هاڻ اهو سڀ ڪجهه گهڻو وقت نٿو هلي سگهي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ کي سياست کان ڌار ٿيڻو پوندو. تڏهن قانون جي حڪمراني قائم ٿيندي. عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر مير خادم علي ٽالپر چيو ته اسان وٽ ميرٽ جي لتاڙ سبب غريب هارين جو اولاد اڳتي نٿو وڌي سگهي. سنڌ کان تعليم کسي وئي آهي. ٻارڙن کي ڪتاب هٿن ۾ ڏيڻ بجاءِ انهن کي منشيات جي ور چاڙهيو ويو آهي. روشن خيال فورم حيدرآباد جي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو چيو ته نيشنل پارٽي کي هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد تيز ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجا حق وٺي سگهن. هارين جو معاشي قتل بند ٿيڻ گهرجي. وطن دوست جمهوري پارٽي جي جنرل سيڪريٽري عرض محمد رتڙ چيو ته سياست جو مسقبل نوجوانن سان جڙيل آهي. نوجوانن کي اڳتي وڌي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ۽ پنهنجا طبقاتي حق وٺڻ لاءِ متحد ۽ منظم ٿيڻو پوندو. نامياري صحافي اقبال ملاح چيو ته پاڪستان جو بحران نظرياتي آهي. رڳو آئين ۾ ترميم ڪافي ناهي. قومي اڪائين وچ ۾ نئون سماجي معاهدو ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياست تي ڌاڙو لڳل آهي ۽ غريب ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ سياست جا در بند ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ جون زمينون نيلام ڪري ڌرتي ڌڻين کان زمين جي مالڪي وارو حق به کسيو پيو وڃي. ايس يو پي جي اڳواڻ اصغر قريشي چيو ته سنڌ اندر هڪڙي ڌر ڏاڍ قائم ڪيو آهي. جيڪي پئسي جي زور تي اسيمبلي پهچن ٿا. جن وٽ عوام لاءِ ڪو به پروگرام ناهي. اسيمبلي ۾ وڏيرا ۽ جاگيردار ويٺل آهن. انهن کي ڪهڙي خبر ته سنڌ جا مسئلا ڪهڙا آهن. هن چيو ته سنڌ جي قديم رهندڙ آبادين کي لڏائڻ تي مجبور ڪري ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي. نيشنل پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪٽري مجيد ساجدي چيو ته 70ع واري ڏهاڪي ۾ اسان جي حڪومت کي 9 مهينا به پورا ڪرڻ نه ڏنا ويا. سازش ڪيسن ۾ اسان جي اڳواڻن کي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو. هن ملڪ ۾ عوام جي حڪمراني ڪڏهن به قائم ٿيڻ ناهي ڏني وئي. ان ڪري هاڻ اسان کي سياست جي هر ميدان ۾ جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.