ڪارونجھر جي پوري ايراضي کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو وڃي

سنڌ حڪومت ڪارونجهر جبل جي 2 لک ايڪڙ ايراضي مان صرف 21 هزار ايڪڙن کي قومي ورثو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري دنيا جي ھن جھوني ۽ عظيم انساني ورثي کي ڪورڻ جو رستو صاف ڪيو آھي.سنڌ جي ماڻھن ۽ مقامي رهواسين ۽ ساڃاهه وندن اھڙي فيصلي کي رد ڪندي عدالت جو درکڙڪائڻ سان گڏ  احتجاج جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

ڪارونجهر سنڌ جي سياحتي، ثقافتي، مذهبي، تاريخي ۽ قومي ورثو هئڻ سان گڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو ذريعو آهي، گذريل ڇهن سالن کان  سنڌ جا ماڻهو ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ۽ ان کي قومي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ مسلسل احتجاج ڪندا رهيا آهن، عدالتون به مختلف حڪمن ذريعي ڪارونجهر کي قومي ورثو ڏيڻ جا حڪم جاري ڪنديون رهيون آهن، سنڌ ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ٺاهيل ٽيڪنيڪل ڪاميٽي به ڪارونجهر جي ڪٽائي جي مخالفت ڪندي ان کي قومي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ سفارش ڪري چڪي آهي، ان باوجود ڪابينا ڪارونجهر جي 2 لک ايڪڙن مان صرف 21 هزار ايڪڙ کي قومي ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي، مقامي ماڻهو ان فيصلي کي مڪمل طور رد ڪندي احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.

دنيا ۾ ماحوليات بابت بحث جاري آھن، ان جي تحفظ جي لاءِ عالمي سطح تي مھم ھلي رھي آھي، انسان ذات کي درپيش خطرن مان ماحول جي توازن ۾ پيدا ٿيندڙ بگاڙ کي وڌيڪ ذميوار قرار ڏنو پيو  وڃي، ائين تھ ناھي تھ انھن معاملن کان وس وارا ڪي بيخبر آھن پر ضرور ڪي مصلحتون آھن، جن جي ڪري ھڪ وڏي ۽ آڳاٽي انساني ثقافت جي اھڃاڻ کي مٽائيندڙن کي روڪڻ ۾ بااختيار ڌريون سنجيدھ نظر نٿيون اچن ۽ ماحوليات جي تباھي واري ڏوھ ۾ بھ شامل ٿي رھيون آھن.

جيڪي ماڻھو وطن سان محبت ڪن ٿا اھي ديس جي مٽي، پٿر ۽ وڻن ٽڻن، پکين پکڻن سان پڻ پيار ڪن ٿا، ٿر جو عام ماڻھو تھ ھن جبل کي پنھنجو پساھ سمجھي ٿو ۽ ان جي تحفظ بابت جاکوڙ پڻ ڪندو رھيو آھي،

جيستائين باشعور ماڻھو ھن عمل کي روڪڻ جي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي اڳتي نٿا اچن، سنڌ جي اثاثن ۽ ملڪيت کي بچائڻ جي لاءِ ڪو ڪيس تيار نٿا ڪن ۽ اھو ڪيس  انسانن جي ضمير جي عدالت، ملڪ جي عدالتن ۽ عالمي عدالتن ۾ پيش نٿا ڪن تيستائين، اھو سلسلو جاري رھڻ جو خطرو موجود آھي.سنڌ جي ھن عظيم ثقافتي ورثي جي ٿيندڙ ڀيل مان محسوس ٿئي ٿو تھ ھاڻي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌ جي اھڃاڻن کي ناس ڪندڙ مافيا وڌيڪ سرگرم آھي،

جيڪڏھن اڄ ٿر جي فطري سونھن ۽ سنڌ جي ھن آڳاٽي ورثي کي ٽڪي ٽڪرا ڪيو پيو وڃي تھ سڀاڻي ڪنھن ٻئي اھڙي اھڃاڻ،آثار ۽ سڃاڻپ جو وارو اچڻو آھي ۽ اسين ائين آھستي آھستي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ورثن جي ناس ٿيڻ بعد ھٿ مھٽيندا رھجي وينداسين، ان ڪري ھن معاملي تي ڪنھن کي بھ ڪا رعايت ڏيڻ بجاءِ ان کي روڪڻ جي لاءِ سنڌ جي ماڻھن کي ھر فورم تي احتجاج کي وڌيڪ سگھارو ۽ منظم ڪرڻ جي ضرورت آھي.

ھي ڪو اھڙو معمولي ڪيس ناھي جنھن تي خاموشي اختيار ڪري ويھي رھجي، ھي عظيم ورثو، دنيا جي انھن آڳاٽن جبلن مان ھڪ آھي، جنھن ھن خطي جي  تھذيب کي جنم ڏنو آھي، جنھن جي ھڪ جدا تاريخ پڻ آھي.تنھن ڪري پنھنجي سڃاڻپ کي بچائڻ جو احساس رکندڙ ڌرين جي لاءِ ھي ئي وقت آھي،جيڪڏھن اھي ان کي بچائڻ جي نيت ۽ ارادو رکن ٿا تھ ان کي بچائڻ جي لاءِ اٿي کڙا ٿين.

ننگر پارڪر لڳ اوچي ڳاٺ بيٺل هن پهاڙي سلسلي جي اندر ڪيترائي مقدس مقام آهن، 109 پهاڙين تي ٻڌل  جبل جي اندر هڪ جدا دنيا آهي، بدقسمتي سان ڳچ وقت کان سنڌ جي ٻين وسيلن جيان هن جبل کي به ڪي ڌريون وڍي ٽڪي ناس ڪري رهيون آهن  ان خلاف احتجاج به ٿيندو رهيو آهي پر حڪومت ان احتجاج کي پٺي ڏيندي رهي آهي.ننگرپارڪر ۾ ٺھندڙ مختلف ڊيمن تي ڪارونجھر جو پٿر پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي، معدنيات کاتو، سنڌ سمال ڊيم کاتو ۽ ايس آر پي ڊيمن لاءِ ان پٿر جي استعمال تي پابندي باوجود سڀني ڊيمن ۾ پٿر استعمال ڪيو پيو وڃي.

ڪارونجهر جبل ماڻهن جي روزگار جو پڻ  ذريعو آهي، جتان ماڻهو جبلن جي نئين مان وهي ايندڙ ريتي ۽ بجري مان مقامي ماڻهو پنهنجو روزگار ڪن ٿا،ان سان گڏوگڏ هن جبل سان ماڻهن سموري زندگيءَ سلهاڙيل آهي. هي پهاڙ روزانو سوا سير سون اپائي ٿو، اها کڻي هن وقت هڪ ڏند ڪٿا ئي هجي پر ان جو ضرور حقيقت سان  تعلق رهيوآهي، سنڌ جي عوام جي هن جبل سان هڪ  وابستگي آهي، جنهن ڪري ڪارونجهر سان ٿيندڙ ڪنهن به زيادتي تي ماڻهون دلي طور تي هڪ تڪليف ڏيندڙ عمل محسوس ڪري ٿو.ڪي ملڪيتون ذاتي هونديون آهن ته ڪي وري قومي هونديون آهن اهڙي طرح ٿر جي وارياسي ڌرتيءَ تي هي جبل سموري قوم جي ملڪيت آهي جنهن کي بچائڻ به سموري سنڌ جي ماڻهن جو فرض آهي.

ھن کان اڳ سنڌ جي ماڻھن جي دٻاءَ ۽ احتجاجي تحريڪ بعد سنڌ حڪومت مان اھا اميد ھئي تھ اھا ڪو اھڙو قدم کڻندي جنھن سان ھي جبل مڪمل محفوظ ٿي ويندو، پر سنڌ سرڪار پاران ڪابينا اجلاس ۾ ھن ھيڏي ساري جبل جي ٿورڙي حصي کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ سان اھو خدشو ٿي پيو آھي تھ باقي تمام وڏي حصي تي ڦھليل ھن جبل سان شايد جلد يا دير سان ڪا ھٿ چراند ٿي سگھي ٿي.جنھن ڪري سنڌ جي ماڻھن سياسي سماجي ڌرين ۽ پڻ ميڊيا کي ھن ورثي کي بچائڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو.

اسان سمجھون ٿا تھ ھي جبل رڳو جبل نھ آھي ھن سان ماڻھن جو ثقافتي ۽ جذباتي تعلق آھي ان ڪري عوام جي اڪثريت سنڌ سرڪار جي تازي فيصلي کي رد ڪندي گھر ڪري ٿي تھ سموري جبل کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام ھن ورثي جي حفاظت جي لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪندو.وقت جي حڪومت کي عوام جي جذبات کي نظر ۾ رکندي ڪيل تازي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي.اھو ئي ھن جو حل ٿي سگھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.