ننگرپارڪر ۾ ”ڪارونجهر بچايو“ريلي، سموري ڪارونجهر کي ”ورثو“ قرار ڏيڻ جو مطالبو

ننگرپارڪر(رپورٽ:غازي بجير)ننگرپارڪر ۾ ”ڪارونجهر بچايو“ريلي ڪڍي سموري ڪارونجهر کي ورثو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ڪارونجهر جبل جي هنج مان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف چوڪن کان ٿيندي روپلو ڪولهي جي يادگار وٽ پهتي، جتي ريلي کي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل نور  چاڪراڻي، جيئي سنڌ  قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اڳوڻي سيڪريٽري احمد سولنگي، ايس يو پي جي اڳواڻ امير آزاد پنهور، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، عباس کوسو، ديال صحرائي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته کارسر جبل به ڪارونجهر جو جسم آهي جنهن جي نيلامي کي اسان رد ڪريون ٿا، سنڌ سرڪار جي ڪالهوڪي فيصلي ۾ بدنيتي نظر اچي پئي هو ڪارونجهر کي وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا، سموري سنڌ جا واسي پنهنجي خوبصورت ماڳ جي ڪٽائي ٿيڻ نه ڏيندا، هتي لکين سياح اچن ٿا، علائقي واسين جو روزگار ڪارونجهر سلهاڙيل آهي، جهنگلي جيوت جو پناھگاھ ڪارونجهر آهي، سنڌ حڪومت کي اهو فيصلو تسليم ڪرڻو پوندو ته سموريون جابلو ٽڪريون ڪارونجهر جو حصو آهن، اسان جي جدوجهد جاري رهندي ڪارونجهر کي قومي ورثي ۾ شامل ڪيو وڃي،هنن چيو ته ڪارونجهر 2 لک ايڪڙ ايراضي تي مشتمل آهي ۽ سنڌ حڪومت 21 هزار ايڪڙ ايراضي کي ورثو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن کي سموري سنڌ رد ڪري ٿي، سموري ڪارونجهر کي ورثو قرار ڏنو وڃي.سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن کارسر جبل جو دورو ڪري احتجاج ڪيو، اڳواڻن نور چاڪراڻي جي اڳواڻي ۾ کارسر جبل تي احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي ۽ جبل کي نمي سلام پيش ڪيو، اڳواڻن سان گڏ ڳوٺاڻن به احتجاج ۾ شامل ٿي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ آزاد امير پنهور چيو آهي ته ڪارونجهر سڄي سنڌ جو ثقافتي ماڳ آهي،جنهن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، دنيا پنهنجا ماڳ بچائي فخر محسوس ٿي ڪري ۽ اسان وٽ هي حُڪمران ڌرتي وڪڻڻ جي پويان پئجي ويا آهن، هنن کي ڪير ٻُڌائي ته ماڳ وڪرو ناهن ڪبا، سنڌ حڪومت پنهنجن غلط فيصلن کان باز اچي نه ته سنڌ جو عوام هاڻي سندن گهيراءُ ڪندو.

”سموري ڪارونجھر کي قومي ورثو قرار ڏيو“ حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) شاعرن ۽ اديبن، ڪارونجهر جبل جي 16 ميل(24 ڪلوميٽر) ۽ 2 لک ايڪڙن تي ٻڌل ايراضي مان رڳو چند هزار ايڪڙن کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي سڏ تي "ڪارونجھر” جبل جي رڳو 49 ھزار ايڪڙن کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ واري فيصلي  خلاف سنڌي لئنگيج اٿارٽي جي آفيس سامهون اديبن ۽ شاعرن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نامياري اديب تاج جويي، آزاد انور آزاد ڪانڌڙي، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيي، ارڏي اترادي، يوسف جويي، گل سنڌي، شاڪر عزيز سيتائي، عنايت لغاري، لطيف ملاح، ولي محمد خاصخيلي، تراب علي تراب، فدا ڪلرائي ۽ چيو ته ڪارونجهر ۾ تاريخي، مذھبي ۽ سياحتي ماڳ آھن. سنڌ ڪابينا پاران صرف 21 ھزارن ايڪڙن کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ نه رڳو سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ورزي آھي، پر سنڌي قوم سان تاريخي مذاق پڻ آھي. سنڌ دوست سياستدان، ساڃاهه وند ۽ اديب ان فيصلي کي نه رڳو قبول نه ٿا ڪن پر ان جي مذمت به ڪن ٿا. ھي فيصلو ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ جي حامي ٺيڪيدارن ۽ سگهارين قوتن جي خوشنوديءَ لاءِ ڪيو ويو آھي، جيڪي ھن سنڌ جي خوبصورت جبل کي تباھه ڪرڻ ۽ ان جي ڀوري ناسي ڀٿرن کي ڪٽي ان جي تاريخي حيثيت کي ميسارڻ چاھين ٿا. هنن چيو ته سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد ڪارونجھر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الھرکيي کوسي ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪارونجھر جي بچاءُ جو ڪيس وڙھندڙ وڪيل شنڪر لال ميگھواڙ سان گڏ آھي ۽ سنڌ ڪابينا جي فيصلي کي رد ڪري ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته سڄي ڪارونجھر رينج کي کارسر جبل سميت ثقافتي ورثو قرار ڏنو وڃي ۽ اھڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو وڃي.

ڪارونجھر 2 لک کان وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل آھي: اياز لطيف

حيدرآباد (رپورٽر)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ڪارونجھر 2 لک کان وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل آھي، پيپلز پارٽي حڪومت دوکو ڏيڻ لاءِ صرف 21 ھزار ايڪڙ ايراضي کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو آھي.  ڪارونجھر سنڌ جي تھذيبي ۽ ثقافتي ورثو آھي. پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور ٿين بند ڪري. اياز لطيف پليجي چيو ته آصف زرداري ٽولو 16 سالن کان سنڌ تي قابض ٿي ھر شئي نيلام ڪري رھيو آھي. 18ھين ترميم جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي. بيھر اقتدار لاءِ 18ھين ترميم تان ھٿ کڻي سنڌ جا وسيلا وفاق کي ڏنا ويا. ڪڏھن ٻيٽن جو سودو، ڪڏھن بندرگاهن جو سودو، ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي لينڊ مافيا حوالي ڪئي وئي آھي. گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ٻيا ڌاڙيل واھ تعمير ڪرائي پيپلز پارٽي حڪومت سنڌو درياهھ سڪائي ڇڏيو آھي.

رڳو 21 هزار ايڪڙن جو نوٽيفڪيشن ڪڍڻ مذمت جوڳو آهي:رياض چانڊيو

ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته پ پ  سرڪار کي چوٿون اقتدار اسٽيبلشمينٽ جي ڏاڍ  ذريعي مليو آهي، جنهن جي قيمت سنڌ ادا ڪري رهي آهي، سنڌ جي اعليٰ عدليا فيصلو ڏنو آھي ته سڄو ڪارنجهر جبل محفوظ ڪيو وڃي جيڪو 2 لک ايڪڙ کان مٿي ايراضي تي ٻڌل آھي پر سنڌ ڪابينا ماڻھن جي احتجاج سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪندي 21 هزار ايڪڙ زمين لاءَ نوٽيفڪيشن ڪڍيو آھي جيڪو قابلي مذمت آھي، هنن کي ڇوٿين اقتدار حاصل ڪرڻ وقت چيو ويو آ ته زمينون سنڌ جي ماڻھن کان کسيو ۽ کسرائين پيا، ڪراچي جي ڪياماڙي کان وٺي ملير تائين سڄي زمين سنڌ جي ماڻھن جي پيرن هيٺان ڪڍن پيا، اهڙي خيالن جو اظھار محاذ سربراهه رياض علي چانڊيو ڪراچي جي ڪورنگي بلاول ڪالوني ۾ سڄاڳي مهم جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪراچي شھر جي اها حالت آھي ته ورلڊ لائيف جي مختلف آرگنائيزيشن کان کربين رپيا امداد ورتي وئي آھي ته روڊ ٺاهي ڏينداسين اهي روڊ ته نه ٺھي سگهيا آھن پر پئسا هڙپ ٿي ويا آھن سنڌي آباديون سنڌ جا وارث جتي رهن ٿا اتي سهولتون ناهن، بجلي ناهي، گئس ناهي ۽ پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ناهي، ڪراچي کي ڌارين لاءَ جنت ۽ سنڌين لاءَ دوزخ بڻايو ويو آھي. سمنڊ تي ٻاهريون ڪمپنيون قبضي ڪري ويهي رهيون آھن سنڌ جي ماڻھن کي مڇي جي روزگار کان محروم ڪيو ويو آھي سنڌ حڪومت کي روز رشوت ملي باقي ڌرتي ڌڻين جي حقن سان ڄڻ ڪو واسطو ناهي، وفاقي ادارا جيڪي قبضو ڪيون ويٺا آھن انهن کي به روز جي بنياد تي ڀتو کپي اهو قابلي مذمت آھي، سنڌ جا ماڻھو قومي بقا، آزادي، وسيلن جي وارثي ۽ ايندڙ نسلن کي خوشحال سنڌ ڏيڻ لاءِ جيئي سنڌ محاذ جي پرامن جدوجهد ۾ ساٿ ڏين، جيئي سنڌ محاذ جا رٿيل 22 سيٽمبر تي ڀرپور مظاهرا ٿيندا.

عدالتي حڪم باوجود کارسر کي ”محفوظ“ علائقو قرار نه ڏنو ويو!

ڪراچي(م ڊ) ڪارونجهر کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جي نوٽيفڪيشن مان کارسر کي الڳ ڪرڻ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، ان حوالي سان  دستاويزي ثبوت سامهون اچي ويا آهن، جنهن موجب عدالتي حڪم باوجود ثقافت کاتي جي ڪميٽي کارسر کي ڪارونجهر کان الڳ ڪري پيش ڪيو، ڪميٽي معاملي کي منجهائيندي ۽ تڪراري بڻائي کارسر کي محفوظ علائقو قرار نه ڏيڻ جي راءِ ڏني، ڪارونجهر کي هڪ ۽ محفوظ قرار ڏيڻ بدران رڳو 21 هزار ايڪڙن تي ٻڌل ايراضي محفوظ قرار ڏنو ويو، فني سب ڪميٽي سربراهه جو چوڻ آهي ته کارسر کي محفوظ علائقو قرار نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ڪو اتي ڪو تاريخي ماڳ آهي، ڪليم لاشاري جو چوڻ هو ته تاريخي ماڳ جي نشاندهي ڪئي وئي ته سروي ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، ثقافت کاتي فني ۽ صلاحڪاري ڪميٽي ڪارونجهر جبل جي پکيڙ بابت به غلط انگ اکر پيش ڪيا آهن، ننگرپارڪر 2 لک ايڪڙ ۽ ڪارونجهر جو جابلو سلسلو 50 ايڪڙ تي پکڙيل آهي، سب ڪميٽي 50 هزار ايڪڙ بدران رڳو 21 هزار ايڪڙن تي محفوظ قرار ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.