ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ھڪ عورت فوت جڏهن ته فائرنگ ۽ گھر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ملبي ھيٺان اچي 2 زخمين سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن . بلديا ٽائون جي علائقي ڊبا ڪالوني ۾ گلشن حبيب مسجد جي ڀرسان گھر اندر بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت زاھدا زال عالم شير فوت ٿي وئي آهي. بن قاسم ٿاڻي جي علائقي پورٽ قاسم ۾ واقع طارق ھوٽل جي ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾ شھزاد زخمي ٿيو. سائيٽ ايريا اي ٿاڻي جي علائقي سائيٽ ايريا فائير پل ڀرسان اتفاقي گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ سيڪورٽي گارڊ راجا ولد دلاور زخمي ٿيو. سعيد آباد ٿاڻي جي حد مواڇ ڳوٺ پي ايس او پمپ جي ڀرسان نامعلوم طرف کان ايندڙ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ حفيظ الرحمن ولد عزيز الرحمن زخمي ٿيو. اتحاد ٽائون ٿاڻي جي حد بلديا ٽائون جي علائقي پڪوڙا چوڪ جي ڀرسان زير تعمير گھر جي ڇت جرڻ جي نتيجي ۾ ملبي ھيٺان اچي 2 ڄڻا شھباز علي ولد نياز علي ۽ منان ولد عثمان زخمي ٿي پيا آهن.