ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ٿي . عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته شهري ظفر اقبال ۽ ملڪ رضوان سپر هاءِ وي جي علائقي مان گم ٿيا آهن . هن چيو شهرين جي بازيابي جي لاءِ ڪافي دفعي جي آءِ ٽي جا اجلاس ٿي چڪا آهن. جبري گمشدگي جي لاءِ معاوضي منظور ٿي ويا آهن جاچ آفيسر چيو ته ڌڻي بخش شاهه لطيف ٽائون ، رئيس الدين لانڊي مان سميت ٻيا مختلف علائقي مان گم ٿي ويا آهن .عدالت شهرين جي بازياب ڪرائڻ جي لاءِ تيز قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 4 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي .