ڪراچي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ انٽرنيز پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پريس ڪلب آڏو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ انٽرنيز پاران ڪالهه ٻي ڏينھن  به احتجاج مظاهرو ڪيو ويو.احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي خالد ڀٽي، ڪاشف مصطفيٰ ۽ خدا بخش ميراڻي  ڪري رهيا آهن، گذريل ڏينهن احتجاج ڪندڙن ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کين روڪي ورتو. انتظاميا سان ڳالھين کانپو احتجاجي مارچ ختم ڪيو ويو. مظاھرين جو چوڻ آهي ته انتظاميا سان ڳالھين لاءِ ٽائم مقرر ڪيو ويو آهي جيڪڏهن مطالبا پورا نه ٿيا ته ٻيهر ريڊ زون ڏانهن  احتجاجي مارچ ڪيو ويندو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اسان کي بغير ڪنهن اطلاع جي اوچتو برطرف ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي، جايون خالي آهن ۽ انٽرنيز لاءِ سنڌ حڪومت بجيٽ به رکي آهي اسان کي بحال ڪري مدو وڌايو وڃي، سموري سنڌ مان وڏي تعداد ۾ عورتون توڙي مرد سبجيڪٽ اسپيشلسٽ احتجاج ۾ شريڪ مظاھرين بينر کڻي نعريبازي ڪئي.

  1. ڪراچي پوليس پاران مبينا مقابلي بعد 6 ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي پوليس بفرزون هارن شاپنگ مال وٽ مبينا مقابلي دوران 6 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، تفصيل موجب تيموريه پوليس ڪارروائي ڪندي 18 ورهين جي عاطف عرف آصف ۽ 40 سالن جي جاويد کي گرفتار ڪري ورتو. . پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان هڪ 30 بور ۽ ٻيو نائن ايم ايم پستول، لوڊ ميگزين ۽ 70 موٽرسائيڪلون رضويا ٿاڻي جي حد مان چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪيون ويون آهن. پاڪ ڪالوني پوليس جهان آباد اسڪول گلي ماسٽر ڪنٽين وٽ مبينا مقابلي دوران 2 ڦورن 22 ورهين جي اڪرم ۽ 25 ورهين جي عبدالرحمان کي سندن ٽئين ساٿي نعمان سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس ڪاز وي ڊرائيونگ لائسنس برانچ وٽ مبينا مقابلي دوران هڪ جوابدار ڪامران کي سندس ساٿي فيضان سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان 2 پستول، 2 موبائل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدارن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.