جوهي ۾ صديون پراڻو مندر ڊاهي قبضي جي ڪوشش، جوابدار گرفتار

جوهي (رپورٽ:  ايم اسماعيل پيرزادو) جوهي جي تاريخي مندر کي ڊاهڻ جي الزام هيٺ جوهي پوليس هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو، جوهي شهر جي ڳتيل آبادي ۾ واقع 200 سال پراڻي مندر کي اڪبر چانڊيو ناهي شخص ڊاهي رهيو هو ته شهرين جي اطلاع تي پوليس پهچي کيس گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار شخص جو ذهني توازن درست نٿو لڳي، جيڪو چوي ٿو ته هن مندر ۾ ريما جون تصويرون آهن ان ڪري ڊاهيان پيو، جڏهن ته اهو به چوي ٿو ته هي مندر منهنجو آهي مون ٺاهيو آهي ان ڪري ڊاهيان ٿو. ٻئي طرف   نوادارات ۽ آرڪيالاجي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالفتح شيخ مندر جي ڀڃ ڊاھه ۽ قبضي جو سختي سان نوٽيس وٺندي قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر دادو کي سختي سان هدايتون جاري ڪيون آھن، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته ڊي سي دادو به سخت ڪارروائي ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪندي مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو مختار ابڙو ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي چيو ته جوهي جي تاريخي مندر تي قبضو ٿيل هو جيڪو 2021 تي خالي ڪرائي مندر سيل ڪيو ويو، هن وڌيڪ چيو ته مندر ڊاهڻ جي حوالي سان وڌيڪ جاچ لاءِ اڄ آئون اتي ويندس ۽ جيڪو به جوابدار ملوث آهي، ان خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي ۽ تاريخي ماڳن کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ياد رهي ته 2021 ۾ هندو برادري جي اڳواڻ گر مکداس جوهي جي  مندر تي قبضو ڪري رهائش اختيار ڪندڙن خلاف درخواست ڏني هئي جنهن تي مندر تان 2021  ۾ قبضو خالي ڪرائي مختيار روينيو جي نگراني ۾ پوليس قانوني ڪارروائي ڪئي، ان وقت گر مکداس پاڻ مندر جا دروازا سيل ڪيا هئا، مندر قانوني سيل هجڻ باوجود جنهن چاٻيون ڏنيون آھن جو ساڳين ئي رهائش پذير ماڻھن هڪ دفعو ٻيهر رهائش اختيار ڪئي آھي جنهن خلاف ڊي سي دادو طرفان  اڄ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.