ڪنهن اداري جي عزت ته قائم رهڻ ڏيو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هائيڪورٽ طرفان پي ٽي آءِ ايم اين ايز جو اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڪالعدم قرار ڏيندي سڀني کي جيل منتقل ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ سڀ کان مقدس ادارو آهي، پارليامينٽ سڀني ادارن جي ماءُ آهي، ان پارليامينٽ ۾ گهڙي ايم اين ايز کي گرفتار ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته جسماني رمانڊ جا سمورا آرڊر هڪ جهڙا آهن، اسٽيٽ کي جواب ڏيڻ ڏيو ته اهڙو ڇا ٿي ويو جو اٺن اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو، اهو اهڙو عمل آهي جنهن جو مثال نه ٿو ملي،  ڏسڻُو آهي ته اهڙو ڇا ٿي ويو جو اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو آهي. جسماني رمانڊ جا سمورا آرڊر هڪ جهڙا آهن، اسلام آباد پوليس آهي يا رضيه جيڪا غنڊن ۾ ڦاسي وئي آهي، ڪيس داخل ڪندڙن سٺي ڪاميڊي لکي آهي، ڪريڊٽ ڏيڻو پوندو ته ڊگهي عرصي کانپوءِ سٺي ڪاميڊي ڏسڻ لاءِ ملي آهي، ڪيس جي لکڻي به دلچسپ آهي، شعيب شاهين مٿان پسٽل ڏيکاريو ويو آهي، ڪاميڊي توهان پڙهي ڇڏي آهي، هاڻي هنن وٽان ڇا هٿ ڪرڻو آهي. چيف جسٽس چيو ته چار ڏينهن ٿي ويا آهن،  جيڪو توهان کي ڪرڻو هو ڪري ڇڏيو، اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڇو ڏنو ويو؟ ٻن ڏينهن جو ڏنو وڃي ها، ڪسٽڊي ڏني وڃي ها پر قطعي طور ڪسٽڊي ته ڪورٽ جي ئي هوندي آهي. هن چيو ته ڪيس ۾ کل جوڳا الزام هنيا ويا آهن ۽ اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن الزام  درست به قبول ڪيا وڃن ته هڪ طريقيڪار هوندو آهي، اسٽوري جنهن به ٺاهي آهي مزيدار قسم جي ڪهاڻي آهي جنهن تي فلم ٺاهي سگهجي ٿي، گرفتارين خلاف درخواستن کي ايندڙ هفتي ٻڌنداسين. پراسيڪيوٽر جنرل اسلام آباد چيو ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ رياست خلاف خوفناڪ تقريرون ڪيون ويون، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن توهان جي ڳالهه مڃي وٺجي ته پوءِ قتل جي جوابدار جو انڪائونٽر ڪريو، چاهي ڪنهن ڪيترو به سنگين ڏوهه ڪيو هجي پر کيس فيئر ٽرائل جو حق آهي.چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته ڇا ڪري رهيا آهيو، هي ڪم پهرين هن هاءِ ڪورٽ ۾ به ڪيو، هاڻي پارليامينٽ ۾ به ڪيو آهي، ائين ڪرڻ نه ڏيو. ڪنهن اداري جو وقار ته قائم رهڻ ڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.