اسلام آباد (م ڊ): جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ سينيارٽي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 175 جي ذيلي شق 4 تحت 2010ع ۾ جڊيشل ڪميشن جا ضابطا جوڙيا ويا. بيان ۾ چيو ويو ته جڊيشل ڪميشن جي ڪردار تي نظرثاني جو مسلسل مطالبو ڪيو پيو وڃي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 8 ڊسمبر 2023 تي ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس رٽائرڊ منظور احمد شامل هئا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي ۾ اعليٰ عدالتن جا سينيئر جج، اٽارني جنرل، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ صوبائي بار ڪائونسلن جا نمائندا شامل هئا. جاري ڪيل پڌرائي موجب جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ ججن جي مقرري لاءِ مختلف ڪيٽيگريز تي تجويزون اتفاق راءِ سان منظور ڪيون ويون، جنهن جو جڊيشل ڪميشن جي ضابطن ۾ تبديليءَ بابت تجويزن جو مسودو ايندڙ اجلاس ۾ چيف جسٽس ۽ سينيئر جج پيش ڪندا. جڊيشل ڪميشن جو ايندڙ اجلاس 28 سيپٽمبر تي صبح 10 وڳي ٿيندو. ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ سينيارٽي ي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ 3 نالا موڪليا ويندا، جن مان هڪ کي هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويندو. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ جج جي خالي جاءِ لاءِ چيف جسٽس 3 نالا تجويز ڪندو، جڊيشل ڪميشن ٽن نالن مان هڪ چونڊي پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليندي. ڪنهن به جج جي رٽائرمنٽ کان 15 ڏينهن اڳ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس لازمي گهرائڻو پوندو.