ڍاڪا کان باڪو ويندڙ جهاز جي ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڍاڪا کان باڪو ويندڙ جهاز ۾ فني خرابي سبب بوئنگ جهاز جي ڪراچي ۾ ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي وئي. تفصيل موجب فلائي پرو ايئر لائن جي اڏام ايف پي 5202 ڍاڪا کان باڪو وڃي رهي هئي ته جهاز ۾ فني خرابي پيدا ٿي ۽ جڏهن جهاز پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو ته فني خرابي برقرار رهي. پائلٽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر ڪراچي سان رابطو ڪيو، جنهن تي پائلٽ اڏام کي روٽ ڪيو ۽ لينڊ ڪرڻ جي اجازت ملڻ بعد جهاز کي سکر کان ڪراچي ڏانهن موڙي ڇڏيو. جهاز جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 3:30 منٽن تي ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي وئي. ڪارگو جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تي موجود آهي ۽ ان جو معائنو ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.