پيرڳوٺ(رپورٽ: وسيم سنڌي ) پيرجوڳوٺ ڀرسان ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ 20 ڏينهن اڳ فوت ٿيل 13 گهر ڀاتين جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ گهر مان کاڌي پيتي جي شين جي ورتل سمپل واري رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گهرڀاتين کي پهريان نشو ڏئي کاڌي ۾ زهر ڏنو ويو آهي، جنهن سبب سندن موت واقع ٿيو آهي جڏهن ته پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ ڳوٺاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. 20 ڏينهن اڳ پورهيت گل بيگ بروهي سميت سندن 13 گهرڀاتي زهريلو کاڌو کائڻ سبب بيهوش ٿيا هئا جن کي خيرپور ۽ سکر جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي چئن ڏينهن اندر 13 گهرڀاتي فوت ٿيا هئا فوت ٿيلن ۾ 50 سالا گل بيگ, سندس زال 45 سالا گل زادي، گل بيگ بروهي جا ٽي پٽ 20 سالا منظور بروهي ،15 سالا دلبر، 10 سالا دلدار ،سندس پنج نياڻيون 14 سالا فهميده، 12 سالا سونيا،10ورهين جي گل بيبي، 6 ورهين جي مريم، 3 ورهين جي حاجاڻي سميت هڪ ئي گهر جا 10 ڀاتي شامل آهن جڏهن ته گل بيگ بروهي جو وڏو ڀاءُ 60 سالا محمد بخش بروهي، سندس ڏوهٽو 5 ورهين جو شاداب بروهي ۽ هڪ پاڙيسري 40 سالا غلام اصغر پٽ محمد پناه بروهي سميت 13 ڄڻا فوت ٿيا فوتين مان منظور پٽ گل بيگ بروهي جو پوسٽ مارٽم ڪري ڊاڪٽرن سمپل پڻ ورتا هئا جڏهن ته فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن فوتين جي گهر مان کاڌي پيتي جي شين جا سمپل ورتا جيڪي ليبارٽري پڻ اماڻيا ويا هئا جنهن بعد اهڙي رپورٽ پڻ پڌري ڪئي وئي آهي. واقعي جو وڏي وزير پڻ نوٽيس ورتو هو.