ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪارساز روڊ تي پيءُ ۽ ڌيءَ کي ٽڪر هڻي ماريندڙ جوابدار نتاشا جي منشيات استعمال ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر ڪار حادثي جي جوابدارن خلاف منشيات جي استعمال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ياد رهي ته 19 آگسٽ تي ڪراچي جي علائقي ڪارساز روڊ تي تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ عورت ڊرائيور موٽرسائيڪل تي سوار پيءُ ۽ ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو هو، ان کان علاوه عورت هڪ ٻي گاڏي کي به ٽڪر هنيو هو جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ حادثي ۾ فوت ٿيل پيءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن جوابدارن کي الله جي واسطي معافي ڏني هئي ۽ ان حوالي سان مقتول جي زال ۽ پٽن به عدالت ۾ بيان حلفي جمع ڪرايو هو.