ڳوٺ مينھان خان رند واسي 19 ورهين جي دلبر رند جو لاش هٿ آيو

نوابشاهه ( ن ع آ ) نوابشاهه ڀرسان ڄام صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ مينھان خان رند جي رھواسي 19 ورهين جي دلبر رند جو اڄ صبح ڌاري ٻڪرين جي واڙي ڀرسان وارثن کي رت ۾ رڱيل لاش مليو آهي دلبر رند جي لاش  پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ پي ايم سي اسپتال نواب شاهه آندو جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول جي پيرسن والد محراب رند چيو ته منهنجي پٽ کي برادري جي ٻاهران آيل 6 جوابدارن سوڍو فدا حسين امداد خالد ۽ اسد رند ڪهاڙين ۽ ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي پوليس هڪ جوابدار اسد رند کي گرفتار ڪيو آهي جيڪڏهن سمورا جوابدار گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزائيون نه ڏنيون ويون اسان چپ ڪري نه ويهنداسين ۽ جوابدارن جي گرفتاري تائين لاش نه دفنائينداسين انهي سلسلي ۾ ڄام صاحب ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته هڪ جوابدار اسد رند جيڪو مانجهند جو ٻڌايو وڃي ٿو انهي کي گرفتار ڪيو آهي جوابدار جي اعترافي بيان ۾ٻڌايو ته هڪ سال اڳ مون شادي ڪئي هئي ۽ منهنجي زال سان مقتول دلبر جي ناجائز تعلقاتن جو مون کي شڪ هو انهي ڪري کيس قتل ڪيو آهي ايس ايڇ او چيو ته اڃان تائين وارثن پاران ايف آئي آر داخل نه ڪرائي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.