ڪراچي جي خانگي اسڪول ۾ گارڊ فائرنگ ڪري چوڪيدار کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر ) نارٿ ناظم آباد ۾ خانگي اسڪول ۾ جهيڙي دوران سڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري چوڪيدار کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. پوليس موجب نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايڇ ۾ واقع خانگي اسڪول مان فائرنگ ڪري قتل ٿيل شخص جو لاش مليو آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال پهچايو. مقتول جي سڃاڻپ 30 ورهين جي علي رضا ولد ذوالفقار علي جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو هڪ خانگي اسڪول ۾ چوڪيدار هو ۽ سندس تعلق ميرپورخاص سان آهي. ايس ايڇ او نارٿ ناظم آباد نديم حيدر موجب مقتول چوڪيدار کي اسڪول ۾ مقرر شاهين سڪيورٽي ڪمپني جي گارڊ فهيم جهيڙي دوران فائرنگ ڪري قتل ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته رات دير سان اسڪول جي چوڪيدار ۽ سڪيورٽي گارڊ ۾ تلخ ڪلامي بعد جهيڙو ٿي پيو. سڪيورٽي گارڊ فهيم چوڪيدار کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد جوابدار سندس يونيفارم، بيلٽ ۽ ريپٽر ڀرسان پاڻي جي ٽانڪي ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا. فرار ٿيل سيڪيورٽي گارڊ جو تعلق رحيم يار خان سان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.