نئون ديرو ڀرسان مڇي مارڻ ويل 3 پورهيت اغوا

نئون ديرو (رپورٽ: محمد علي جروار ) نئون ديرو ڀرسان ڪي ٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ غلام شيخ ٻاهران سنڌو  درياھه واري جڪ ڀرسان ڌاڙيل مڇي ماريندڙ 3 ڄڻن نئون ديرو واسي سڪندر ميربحر ۽ سليمان ميربحر ۽ ڳوٺ جهان خان ککراڻي واسي ديدار ککراڻي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا. اطلاع بعد ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ڌاڙيلن جو پيرو کڻي ڪچي طرف روانا ٿي ويا. ٿوري مفاصلي بعد ڳوٺاڻن ۽ ڌاڙيلن هڪٻئي مٿان فائرنگ جي ڏي وٺ به ٿي جنهن دوران ڌاڙيل مغوين کي يرغمال بڻائي درياءَ پار ڪرائي کڻي ويا. اطلاع تي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس ڳوٺاڻن سان گڏ پيري پٺيان رواني ٿي وئي جتي ڏوهارين جو پيڇو ڪيو پيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڌاڙيلن مڇيءَ جي ٺيڪو کڻڻ بعد ديدار ککراڻي، سڪندر ميربحر ۽ سليمان ميربحر کان منٿلي جي گهر ڪئي هئي منٿلي نه ڏيڻ تي ڌاڙيل 3 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آهن. 3 ڄڻن جي اغوا ٿيڻ بعد به پوليس فقط خانه پوري ڪري رهي آهي، اسان کي شڪ آهي ته ناريجا ۽ ڪلهوڙا ڌر جي ڌاڙيلن اسان جي ماڻهن کي اغوا ڪيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي نئون ديرو نثار بروهي ٻڌايو ته ڌاڙيل ڳوٺ غلام شيخ ٻاهران جڪ ڀرسان سنڌو درياھ مان مڇي ماريندي ٻيڙيءَ تان ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آهن، ڌاڙيلن جو ٽولو مغوين کي درياھ پار ڪرائي مدئجي جي ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن. اميد آهي ته جلد مغوين کي بازياب ڪرائي وٺنداسين ۽ ڪاروائي جاري آهي. هوڏانهن ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ٽن مغوين جي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ سختي سان نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل کوسو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪندي مغوين جي بازيابي لاءِ لاڙڪاڻو رينج کان وڌيڪ نفري ۽ اي پي سي چين رواني ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.