ليڊي هيلٿ ورڪرن تي حملا شرم جهڙي ڳالهه آهي: خادم کوسو

سکر(رپورٽر) سماجي ۽ پورهيت اڳواڻ جنرل سيڪريٽريءَ پاڪستان ورڪرز فيڊريشن سنڌ ريجن خادم حسين کوسو چيو آھي ته  پوري ملڪ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن تي حملا شرم جھڙي ڳالهه آهي سنڌ ۽  پنجاب ۾ ڊيوٽي دوران ليڊي هيلٿ ورڪر تي حملا ٿي رهيا  آھن جيڪو عمل شرم جو ڳو آھي جاري ڪيل بيان ۾ خادم حسين کوسو وڌيڪ چيو آھي ته ليڊي هيلٿ ورڪر گھر گھر وڃي اسان جي اولاد کي معذوري کان بچاءَ وارا ڦڙا پيارين ٿيون انھن مٿان قاتلاڻا حملا ڪيا پيا وڃن گرمي هجي يا سخت سردي ۽ برسات ھجي يا  ٻوڏ واري صورتحال ان باوجود  ڏکين حالتن ۾ به ڊيوٽيون سرانجام ڏين ٿا، هن اعليٰ اختياري کان مطالبو ڪيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.