مستونگ ۾ روڊ کولرائڻ ويل ليويز ٽيم تي فائرنگ، 3 اهلڪار شهيد

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ درينڳڙهه جي علائقي ۾ فائرنگ ۾ 3 ليويز اهلڪار شهيد ٿي ويا. ليويز  عملدارن موجب هڪ شخص جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو پئي ويو، روڊ کولرائڻ لاءِ ويل ٽيم تي مظاهرين فائرنگ ڪئي. ليويز عملدارن جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿيا. زخمي اهلڪارن کي ڪوئيٽا ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.