ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته پ پ ڪراچي کي منشيات فروشن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، علي خورشيدي چيو آھي ته مسلسل ٻڌندا پيا اچون ته ڪورنگي ۾ منشيات جي عادي ماڻهن لاءِ بحالي مرڪز ٺهندو، آخر ڪيستائين ان کي ٺاهيو ويندو، گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾سماجي ڀلائي کاتي بابت سوالن جي وقفي دوران ميمبرن جي مختلف لکت ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير طارق ٽالپر ٻڌايو ته نگران دور ۾سماجي ڀلائي کاتي لاءِ جيڪڏهن ڪجهه فنڊ منظور ڪيا ويا هئا ته ان جو کيس علم ناهي، صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سماجي ڀلائي وارو کاتو منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ جاگرتا مهم هلائي ٿو، اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه کيس مشورو ڏنو ته هن مهم ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر کي گهرايو ۽ انهن جو تعاون حاصل ڪيو، سنڌ اسيمبلي ميمبر معلوم ڪيو ته منشيات جي عادي ماڻهن ۾ ڇا اضافو ٿيو آهي، جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته منشيات جي عادي ماڻهن جو تعداد ڪڏهن گهٽ ۽ ڪڏهن وڌي وڃي ٿو، منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ ڪورنگي ۾ هڪ بحالي مرڪز ٺاهي رهيا آهيون، مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته مسلسل ٻڌندا پيا اچون ته ڪورنگي ۾ منشيات جي عادي ماڻهن لاءِ بحالي مرڪز ٺهندو، آخر ڪيستائين ٺهندو، جنهن تي مير طارق ٽالپر چيو ته ڪورنگي ۾ بحالي مرڪز 2025ع تائين ٺهي ويندو. پيپلزپارٽي جي امداد پتافي چيو ته دنيا ۾ ڪو به ملڪ اسان کي ويزا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، گداگري کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، جنهن تي صوبائي وزير چيو ته ماڻهن هي پروفيشن طور تي اختيار ڪري روتو آهي، طارق ٽالپر چيو ته ايف آءِ اي جو مسئلو آهي، هي ماڻهو ويزا وٺي ٻاهر پنن ٿا، ان سان اسان جي ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي، صوبائي وزير چيو ته ان تي وفاقي حڪومت ۽ صوبا قانوسازي ڪن،