ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي ۾ شادي جي تقريب ۾ شريڪ نوجوان نشي ۾ ڌت پوليس اهلڪار جي فائرنگ ۾ مارجي ويو . پوليس اختيارين موجب فائرنگ جو واقعو ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون اقبال مارڪيٽ ويجهو شادي جي تقريب دوران پيش آيو. فائرنگ ۾ تقريب ۾ موجود 22 ورهين جو ارسلان مارجي ويو. واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم جو خالي خول هٿ ڪيو ويو. مقتول پنهنجي دوست سان گڏ هڪ دوست جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ويو هو ته ٿاڻي جو پوليس اهلڪار ڪاشف به شادي جي تقريب ۾ آيو. ڪاشف نشي ۾ پنهنجي پستول سان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ارسلان موقعي تي ئي مارجي ويو. واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو . پوليس مقتول جي ڀائرن جا بيان وٺڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته شادي جي تقريب مان ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو. ڪاشف جي گرفتاري لاءِ پاڪستان بازار ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪيو، جڏهن ته سندس گهر تي ڇاپو پڻ هنيو ويو پر گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، ذريعن موجب پوليس پنهنجي پٽي ڀائي کي بچائڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي.