ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اين اي 171 رحيم يار خان تي پيپلز پارٽي جي اميدوار مخدوم طاھر رشيد کي ڪاميابي تي واڌايون ڏيندي چيو آھي تھ اين اي 171 رحيم يار خان تي ٿيل ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي بدترين شڪست ملي آھي، شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ مخدوم طاھر رشيد جي ڪاميابي ان ڳالھھ جي ثابتي آھي تھ پنجاب جي عوام چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نظرئي ۽ بيانئي جي تائيد ڪئي آھي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي سڄي ملڪ مان نفرت، تقسيم ۽ الزام تراشين واري سياست کي دفن ڪري ڇڏيندي. اين اي 171 تي پيپلز پارٽي جي تاريخي ڪاميابي پاڪستان ۾ ھڪ نئين ۽ ھاڪاري سياست جي شروعات آھي. ھن چيو تھ اين اي 171 تي پيپلز پارٽي جي اميدوار مخدوم طاھر رشيد جي ڪاميابي پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي ويزن، قيادت ۽ عوام نواز پاليسين جي واضح توثيق آھي، شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي عام ماڻھن جي حقن جي پاسداري ۽ پُٺتي پيل طبقن جي بھتري لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪندي رھي آھي.