ايترا ڪپڙا ناهيان مٽائيندو جيترا وزير مٽجن ٿا: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته هو ايترا ڪپڙا ناهي مٽائيندو جيترا صوبي جا وزير تبديل ڪياوڃن ٿا. گورنر هائوس پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته امن امان صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي پر پوليس احتجاج تي هئي، 600 ارب پوليس لاءِ صوبائي حڪومت کي مليا اهي ڪيڏانهن ويا؟ امن امان بابت صوبائي ڪابينا جو هڪ به اجلاس ناهي ٿيو، صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وڏو وزير افغان حڪومت سان ڳالهائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، افغان حڪومت سان جيڪڏهن ڳالهائڻو آهي ته وفاقي حڪومت ڳالهائيندي، ڪنهن ملڪ سان رياست ڳالهائيندي آهي، صوبا ڪنهن ملڪ سان سڌي ريت نٿا ڳالهائي سگهن. هن چيو ته گورنر راڄ جي حق ۾ نه آهيان اسان کين مضبوط حڪومت ڏني پر هنن ڇا ڪيو؟ اسيمبلي ۾ ڪڏهن امن امان جي ڳالهه ناهي ڪئي وئي، ڪي پي حڪومت ڪرپشن ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.