حيدرآباد (رپورٽر) سائيٽ ٿاڻي جي حد نارا جيل ويجھو جمالي ڳوٺ ۾ رھندڙ 45 ورهين جي بختاور زال محمد قاسم برھماڻي ۽ سندس 18 ورهين جي ڌيءُ صبا نور جا گھر مان ڦاھو کاڌل لاش هٿ آيا، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي شاهديون گڏ ڪرڻ کانپوءِ لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيا، جتان بعد ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائي سندن وارثن حوالي ڪيا ويا، واقعي بابت پوليس جو چوڻ هو ته ڪرائيم سين يونٽ جي مدد سان شاهديون گڏ ڪيون آهن، پوليس، فوتي عورت جي ٽن پٽن علي رضا، مرتضيٰ ۽ شھزاد کان پڇاڻو ڪيو. جن ٻڌايو ته ھو فيڪٽرين ۾ مزدوري ڪندا آھن، رات جو دير سان جيئڻ ئي گھر آيا ته گھر جو دروازو اندران بند ھو، ڪيترائي ڀيرا کڙڪائڻ باوجود دروازو نه کليو جنھن بعد پاڙيسرين جي مدد سان دروازو ڀڃي ڏٺو ته ڀيڻ جو لاش پٽ تي پيل ھو ۽ ماءُ جو لاش ڇت ۾ ٽنگيل حالت ۾ ھو، انھن کي منھن تي ماسڪ به لڳايل ھئا، پوليس موجب بعد ۾ ٽنھي ڀائرن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، ھوڏانھن ڊاڪٽرن جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ، ڪرائيم سين يونٽ ۽ پوليس پاران گڏ ڪيل شاهدين موجب واقعو آپگھات جو آھي، عورت بختاور پھريان پنھنجي ڌيءُ صبا کي ڪا نشي واري شي کارائي کيس بيھوش ڪيو ۽ پوءِ ھن جون ڄنگهون ٻڌي کيس رسي سان گھٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ پوءِ پاڻ ڏاڪڻ جي مدد سان ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کاڌو، پوليس جو چوڻ هو ته ابتدائي جاچ ۾ اھا به خبر پئي ته مالي مشڪلاتن ۽ ٻين پريشانين جي ڪري عورت ذھني مريض ٿي وئي ھئي، سندس مڙس ڇڏي ويو ھو، ھن کي ھڪ ڌيء ۽ ٽن پٽن جو اولاد آھي، جن سان گڏ ھو ھڪ ننڍڙي گھر ۾ رھندي ھئي، ھو ۽ سندس ٻار انتھائي غربت ۽ بدحالي ۾ زندگي گذاري رھيا ھئا، ٽنھي ڀائرن جون عمرون 16 کان 22 ورهين جي وچ ۾ آھن، اھي ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ آھن، پوليس موجب جنھن گھر ۾ ھنن جي رھائش ھئي اھو تمام سوڙهو ۽ ننڍڙو گهر ھو، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ماءُ ڌيءُ ڪمري ۾ سمھنديون هيون جڏھن ته ٽئي ڀائر گھر کان ٻاھر گهٽيءُ ۾ سمھندا ھئا، پوليس موجب پڇا ڳاڇا دوران ٽنھي ڀائرن ٻڌايو ته ان کان اڳ سندن ماءُ آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي جنھن ۾ ھو ناڪام ٿي ھئي، پوليس موجب معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.