آءِ ايم ايف پروگرام لاءِ آرمي چيف ۽ اسحاق ڊار اهم ڪردار ادا ڪيو: شهباز شريف

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات پنهنجو حصو نه وجهن ها ته آءِ ايم  ايف پروگرام ممڪن هجي ها، ان مقصد ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ڊپٽي وزيراعظم به اهم ڪردار ادا ڪيو. اسلام آباد ۾ ينگ پارليامينٽيرينز کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 25 سيپٽمبر تي آءِ ايم ايف بورڊ جي ميٽنگ ٿيڻي آهي، آءِ ايم ايف جا هدف پورا ڪرڻ لاءِ ٽيڪس لڳايا ويا، پگهاردار طبقي تي بار پيو، مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي ته پگهاردار طبقي تي بار گهٽجندو، ٽيڪس نيٽ جي پکيڙ ۾ به خلا آهي، واپاري برادري ملڪ جي معيشت ۾ حصو وجهي ٿي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون، منهنجي دعا آهي ته آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي. اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن سڀ هدف پورا ڪريون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.